اسلام آباد - 15 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وفاقي گادي واري شهر جي شهرين کي آسان، شفاف ۽ تيز ترين خدمتن جي فراهمي لاءِ پاڪستان آسان خدمت مرڪز جو افتتاح ڪري ڇڏيو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته هن مرڪز سان عوام کي بي پناهه آسانيون ۽ مختلف کاتن بابت خدمتون فراهم ڪيون وينديون، جديد ٽيڪنالاجي آذربائيجان پاران اسان جي لاءِ تحفو آهي، آذربائيجان …
وزيراعظم شهباز شريف پاران وفاقي گادي واري شهر جي شهرين کي آسان، شفاف ۽ تيز ترين خدمتن جي فراهمي لاءِ پاڪستان آسان خدمت مرڪز جو افتتاح
اسلام آباد – 15 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وفاقي گادي واري شهر جي شهرين کي آسان، شفاف ۽ تيز ترين خدمتن جي فراهمي لاءِ پاڪستان آسان خدمت مرڪز جو افتتاح ڪري ڇڏيو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته هن مرڪز سان عوام کي بي پناهه آسانيون ۽ مختلف کاتن بابت خدمتون فراهم ڪيون وينديون، جديد ٽيڪنالاجي آذربائيجان پاران اسان جي لاءِ تحفو آهي، آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي غيرمعمولي تعاون تي ان جا ٿورائتا آهيون، اهڙي طرح جا مرڪز آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگلت بلتستان ۾ پڻ قائم ڪيا ويندا. ان موقعي تي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، چيف ڪمشنر اسلام آباد ۽ سي ڊي اي چيئرمين محمد علي رنڌاوا، آءِ جي اسلام آباد علي ناصر رضوي ۽ ٻيا عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان آسان خدمت مرڪز جو افتتاح ڪيو ويو آهي، آذربائيجان جي دوري دوران باڪو ۾ خدمت مرڪز جو دورو ڪيو هو ۽ ان دوري دوران فيصلو ڪيو ته ان طرز جا ادارا وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۽ ٻين شهرن ۾ پڻ قائم ڪنداسين، ان سلسلي ۾ آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي غيرمعمولي تعاون تي ان جا ٿورائتا آهيون، جديد ٽيڪنالاجي آذربائيجان پاران اسان جي لاءِ تحفو آهي. هن چيو ته پاڪستان آسان خدمت مرڪز سان عوام کي بي پناهه سهولتون ۽ آسانيون ملنديون، پاڪستان آسان خدمت مرڪز جي لاءِ ماسٽر ٽرينرز آذربائيجان مان تربيت حاصل ڪئي آهي، ماسٽر ٽرينرز خدمتن جي فراهمي ۾ اخلاق ۽ احترام جي جذبي سان پنهنجون ذميواريون ادا ڪن، آسان خدمت مرڪز ۾ نادرا، ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن، سي ڊي اي، سوئي گئس ۽ ٻين کاتن بابت خدمتون فراهم ڪيون وينديون. هن چيو ته آسان خدمت مرڪز آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ ٻين شهرن ۾ پڻ کولينداسين، عوام جي خدمت جي لاءِ هر وقت تيار رهڻ ضروري آهي. ان موقعي تي انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو ته پاڪستان آسان خدمت مرڪز عوامي خدمتن جو نظام هڪ انقلابي قدم آهي، پاڪستان آسان خدمت مرڪز ۾ هڪ ئي ڇت جي هيٺ سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو پيو وڃي، آسان خدمت مرڪز جو قيام ٽيم ورڪ جو نتيجو آهي، اهڙي مرڪز جهڙن قدمن سان شهري حڪومت سان تعلق وڌيڪ مضبوط ٿيندو. هن چيو ته آسان خدمت مرڪز جي قيام جو مقصد عام ماڻهن جي لاءِ آسان، شفاف ۽ تيز ترين خدمتن کي يقيني بڻائڻ آهي. ان کان اڳ وزيراعظم کي پاڪستان آسان خدمت مرڪز ۾ دستياب سهولتن بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم آسان خدمت مرڪز جي مختلف حصن جو دورو ڪيو، مرڪز ۾ ڏني ويندڙ خدمتن جو جائزو ورتو ۽ انهن خدمتن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ هدايت ڪئي.












