اسلام آباد - 01 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چين جي ايندڙ دوري جي تيارين جي سلسلي ۾ هڪ تفصيلي بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪئي جتي هو ستين پاڪستان – چين پرڏيهي وزيرن واري اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي گڏيل صدارت ڪندو. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي پرڏيهي سيڪريٽري، بيجنگ ۾ پاڪستان جي سفير ۽ پرڏيهي وزارت …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي صدارت ۾ چين جي ايندڙ دوري جي تيارين بابت تفصيلي بريفنگ اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد – 01 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چين جي ايندڙ دوري جي تيارين جي سلسلي ۾ هڪ تفصيلي بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪئي جتي هو ستين پاڪستان – چين پرڏيهي وزيرن واري اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي گڏيل صدارت ڪندو. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي پرڏيهي سيڪريٽري، بيجنگ ۾ پاڪستان جي سفير ۽ پرڏيهي وزارت جي سينيئر عملدارن ڊائيلاگ جي تيارين، تجويز ٿيل پروگرام ۽ ايجنڊا جي حوالي سان بريفنگ ڏني. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏيندي عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهڙن نتيجن کي ترجيح ڏني وڃي جيڪي اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري کي وڌيڪ موثر طور تي اڳتي وڌائڻ ۾ مددگار هجن.











