نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اقتصادي انتظامي سڌارن بابت ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد - 01 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اقتصادي انتظامي سڌارن بابت ڪميٽي جي پهرين اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ توانائي، سماجي شعبي ۽ گورننس سميت مختلف شعبن ۾ حڪومت جي جامع اقتصادي منصوبن جي لاڳو جي لاءِ اڳتي جي حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو. ان ڏس ۾ منصوبابندي ڪميشن ۽ …

اسلام آباد – 01 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اقتصادي انتظامي سڌارن بابت ڪميٽي جي پهرين اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ توانائي، سماجي شعبي ۽ گورننس سميت مختلف شعبن ۾ حڪومت جي جامع اقتصادي منصوبن جي لاڳو جي لاءِ اڳتي جي حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو. ان ڏس ۾ منصوبابندي ڪميشن ۽ ٻين وزارتن جي ڪردار تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير انهن شعبن تي ڌيان ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو جيڪي وڌيڪ تيز ۽ جامع اقتصادي ترقي جي لاءِ محرڪ ثابت ٿي سگهن ٿا. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وزير، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، اين سي ايس آءِ ايف سي، منصوبابندي واري سيڪريٽري ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي جڏهن ته ناڻي واري وزير، اقتصادي معاملن واري ڊويزن (اي ڊي اي) واري وزير ۽ موسمياتي تبديلي واري وزير آن لائين شرڪت ڪئي.