اسلام آباد-01 جنوري (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 2400 رپيا گهٽتائيءَ سان في تولو سون 4 لک 57562 رپيا ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب ڪالهه سون جي في تولي جي قيمت ۾ 2400 رپين جي گهٽتائيءَ کان پوءِ في تولو سون 4 لک 54562 رپيا ٿي ويو. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 2058 رپين جي گهٽتائيءَ کان …
سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 2400 رپين جي گهٽتائي رڪارڊ، في تولو سون 4 لک 54 هزار 562 رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد-01 جنوري (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 2400 رپيا گهٽتائيءَ سان في تولو سون 4 لک 57562 رپيا ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب ڪالهه سون جي في تولي جي قيمت ۾ 2400 رپين جي گهٽتائيءَ کان پوءِ في تولو سون 4 لک 54562 رپيا ٿي ويو. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 2058 رپين جي گهٽتائيءَ کان پوءِ 3 لک 91771 رپين مان گهٽ ٿي 3 لک 89713 رپيا ٿي وئي. جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 59136 رپين کان گهٽ ٿي 3 لک 572049 رپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو ته في تولو چانديءَ جي قيمت 83 رپين جي گهٽتائيءَ کان پوءِ 7635 رپيا ۽ 10 گرام چانديءَ جي قيمت 71 رپيا گهٽتائيءَ کانپوءِ 6545 رپيا ترتيبوار ٿي وئي. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4346 ڊالرن مان گهٽ ٿي 4322 ڊالر ٿي وئي.










