اسلام آباد - 01 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڀارت ائٽمي ٺڪاڻن ۽ سهولتن جي فهرستن جي سالياني بنيادن تي مٽاسٽا ڪئي آهي، اها مٽاسٽا پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ائٽمي ٺڪاڻن ۽ سهولتن تي حملن جي منع بابت معاهدي تحت عمل ۾ آئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ٻنهي ملڪن هڪ ٻئي جي ائٽمي ٺڪاڻن ۽ سهولتن جي فهرست اسلام آباد ۾ قائم ڀارتي هاءِ ڪميشن …
پاڪستان ۽ ڀارت پاران ائٽمي ٺڪاڻن ۽ سهولتن جي فهرستن جي سالياني بنيادن تي مٽاسٽا

مزید خبریں
اسلام آباد – 01 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڀارت ائٽمي ٺڪاڻن ۽ سهولتن جي فهرستن جي سالياني بنيادن تي مٽاسٽا ڪئي آهي، اها مٽاسٽا پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ائٽمي ٺڪاڻن ۽ سهولتن تي حملن جي منع بابت معاهدي تحت عمل ۾ آئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ٻنهي ملڪن هڪ ٻئي جي ائٽمي ٺڪاڻن ۽ سهولتن جي فهرست اسلام آباد ۾ قائم ڀارتي هاءِ ڪميشن جي هڪ نمائندي جي حوالي ڪئي وئي جڏهن ته انهي وقت ڀارتي پرڏيهي وزارت ڀارت جي ائٽمي ٺڪاڻن ۽ سهولتن جي فهرست نئين دهلي ۾ قائم پاڪستان هاءِ ڪميشن جي نمائندي کي فراهم ڪئي. بيان موجب اها مٽاسٽا پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ائٽمي ٺڪاڻن ۽ سهولتن تي حملن جي منع بابت معاهدي تحت عمل ۾ آئي جنهن موجب ٻئي ملڪ هر سال پهرين جنوري تي معاهدي جي دائري ۾ ايندڙ پنهنجي ائٽمي ٺڪاڻن ۽ سهولتن بابت هڪ ٻئي کي آگاهه ڪرڻ جا پابند آهن، اهو معاهدو 31 ڊسمبر 1988ع تي طئي ٿيو هو ۽ 27 جنوري 1991ع تي لاڳو ٿيو جڏهن ته ٻئي ملڪ پهرين جنوري 1992ع کان باقاعدگي سان انهن فهرستن جي مٽاسٽا ڪري رهيا آهن.










