صدر آصف علي زرداري پاران سوئٽزرلينڊ جي شهر ڪرانس مونٽانا ۾ ڌماڪي آور باهه جي افسوسناڪ واقعي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد - 01 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سوئٽزرلينڊ جي شهر ڪرانس مونٽانا ۾ ڌماڪي آور باهه جي افسوسناڪ واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري واقعي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي متاثر خاندانن سان دلي تعزيت ڪئي. صدر زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪندي چيو ته ڏک …

اسلام آباد – 01 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سوئٽزرلينڊ جي شهر ڪرانس مونٽانا ۾ ڌماڪي آور باهه جي افسوسناڪ واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري واقعي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي متاثر خاندانن سان دلي تعزيت ڪئي. صدر زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪندي چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان سوئٽزرلينڊ سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو.

مزید خبریں