وزيراعظم پاران نيو ايئر نائيٽ تي سوئٽزرلينڊ جي سڪي ريزارٽ ۾ باهه لڳڻ جي واقعي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد - 01 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نيو ايئر نائيٽ تي سوئٽزرلينڊ جي سڪي ريزارٽ ۾ باهه لڳڻ جي واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اسان نيو ايئر نائٽ تي سوئٽزرلينڊ جي هڪ سڪي ريزارٽ ۾ پيش ايندڙ باهه جي افسوسناڪ واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو …

اسلام آباد – 01 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نيو ايئر نائيٽ تي سوئٽزرلينڊ جي سڪي ريزارٽ ۾ باهه لڳڻ جي واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اسان نيو ايئر نائٽ تي سوئٽزرلينڊ جي هڪ سڪي ريزارٽ ۾ پيش ايندڙ باهه جي افسوسناڪ واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪريون ٿا. وزيراعظم متاثرين سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن چيو ته هن مشڪل گهڙيءَ ۾ اسان سوئس حڪومت ۽ سوئٽزرلينڊ جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا.

مزید خبریں