اسلام آباد-01 جنوري (اي پي پي) ايئر يونيورسٽي، ايڇ اليون ڪيمپس جي 94 رڪني شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وفد فيڪلٽي ميمبرن سان گڏجي پارليامينٽ هائوس جو مطالعاتي دورو ڪيو. وفد جي اچڻ تي سينيٽ جي اعليٰ عملدارن سندن شاندار استقبال ڪيو. مطالعاتي دوري دوران شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سينيٽ ميوزيم آندو ويو جتي کين پاڪستان جي پارلياماني تاريخ، قانون سازي جي عمل، سينيٽ جو قومي معاملن ۾ ڪردار، سينيٽ جي …
ايئر يونيورسٽي جي وفد پاران پارليامينٽ هائوس جو مطالعاتي دورو

مزید خبریں
اسلام آباد-01 جنوري (اي پي پي) ايئر يونيورسٽي، ايڇ اليون ڪيمپس جي 94 رڪني شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وفد فيڪلٽي ميمبرن سان گڏجي پارليامينٽ هائوس جو مطالعاتي دورو ڪيو. وفد جي اچڻ تي سينيٽ جي اعليٰ عملدارن سندن شاندار استقبال ڪيو. مطالعاتي دوري دوران شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سينيٽ ميوزيم آندو ويو جتي کين پاڪستان جي پارلياماني تاريخ، قانون سازي جي عمل، سينيٽ جو قومي معاملن ۾ ڪردار، سينيٽ جي ڪم ڪرڻ جي طريقيڪار، سينيٽ چونڊن ۽ ٻين پارلياماني معاملن بابت جامع ۽ معلوماتي بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي وفد کي سينيٽ جي تاريخ ۽ اهم پارلياماني مرحلن تي ٻڌل هڪ خاص دستياويزي فلم ڏيکاري وئي، جنهن کي شاگردن گهري دلچسپي سان ڏٺو. وفد کي سينيٽ هال جو دورو به ڪرايو ويو جتي کين اجلاس جي ڪارروائي جي طريقيڪار، قانونسازي جي مختلف مرحلن ۽ پارلياماني ڪميٽين جي نظام بابت تفصيلي آگاهي فراهم ڪئي وئي. بريفنگ دوران پارلياماني ڍانچي ۾ ڪميٽين جي موثر ڪردار ۽ قانونسازي جي عمل ۾ ان جي اهميت کي به اجاگر ڪيو ويو. ان کانپوءِ وفد دستور گلي جو دورو به ڪيو جتي کين پاڪستان جي آئين جي جوڙجڪ، آئيني ارتقا ۽ ملڪ جي آئيني تاريخ جي اهم ۽ نمايان مرحلن بابت معلومات فراهم ڪئي وئي. شاگردن ۽ شاگردياڻين پاڪستان جي آئين بابت ان تعليمي ۽ معلوماتي تجربي کي نهايت مفيد قرار ڏنو. دوري جي پڄاڻي تي ايئر يونيورسٽي جي وفد سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان فراهم ڪيل جامع بريفنگ ۽ رهنمائي تي ٿورو مڃيو ۽ ان مطالعاتي دوري کي پنهنجي تعليمي سفر ۾ هڪ يادگار ۽ معلومات ڏيندڙ تجربو قرار ڏنو.










