وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سان شيل ڪمپنيءَ جي وفد جي ملاقات

اسلام آباد-31 ڊسمبر (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ جي وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سان شيل ڪمپنيءَ جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ ۽ ڪاروباري سهڪار جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سيڙپڪاري بورڊ جي پڌرائيءَ موجب ملاقات دوران ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته شيل ڪمپنيءَ جي آئينده چئن سالن ۾ 100 ملين ڊالرن کان وڌيڪ سيڙپڪاري سٺو سنوڻ آهي. هن چيو ته …

اسلام آباد-31 ڊسمبر (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ جي وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سان شيل ڪمپنيءَ جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ ۽ ڪاروباري سهڪار جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سيڙپڪاري بورڊ جي پڌرائيءَ موجب ملاقات دوران ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته شيل ڪمپنيءَ جي آئينده چئن سالن ۾ 100 ملين ڊالرن کان وڌيڪ سيڙپڪاري سٺو سنوڻ آهي. هن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ شيل ڪمپنيءَ جي سيڙپڪاري رٿائن تي اڳڀرائي جاري آهي. هن چيو ته ڪمپني طرفان اسٽوريج سائيٽ قائم ڪرڻ جي منصوبا بندي سٺو سنوڻ آهي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته سيڙپڪاري بورڊ ڪاروبار ۾ آسانين لاءِ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪري رهيو آهي. پي ايف سي سنگل ونڊو آپريشن ذريعي سهولتون فراهم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ايف بي سي ذريعي سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار ۾ آسانيءَ کي هٿي وٺرائي رهيا آهيون. سيڙپڪاري بورڊ سيڙپڪارن جي مڪمل معاونت لاءِ عزم تي قائم آهي. ملاقات دوران شيل ڪمپني جي وفد، وفاقي وزير کي ٻُڌايو ته ڪمپنيءَ جي پاڪستان ۾ هن وقت اٽڪل 650 فيول پمپس ڪم ڪري رهيا آهن. وفاقي وزير کي آگاهه ڪيو ويو ته ايندڙ چئن سالن ۾ فيول پمپس جو انگ هڪ هزار کان وڌيڪ وڌائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. شيل ڪمپنيءَ جي نمائندي سيڙپڪاري بورڊ جي سهڪار تي ٿورو مڃيو.

مزید خبریں