نئين سال جو آغاز اسان کي ماضيءَ جي تجربن مان سکڻ ۽ مستقبل لاءِ واضح ۽ بامقصد رستو تعين ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو: سردار اياز صادق

اسلام آباد-31 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق نئين سال 2026ع جي شروعات تي پوري قوم کي دلي مبارڪون ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ايندڙ سال پاڪستان لاءِ استحڪام، ترقي ۽ خوشحاليءَ جا نوان موقعا کڻي ايندو ۽ دُعا ڪئي ته هي سال ملڪ ۾ امن، اقتصادي بهتري ۽ عوام جي ڀلائيءَ جو سبب بڻجي. نئين سال جي …

اسلام آباد-31 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق نئين سال 2026ع جي شروعات تي پوري قوم کي دلي مبارڪون ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ايندڙ سال پاڪستان لاءِ استحڪام، ترقي ۽ خوشحاليءَ جا نوان موقعا کڻي ايندو ۽ دُعا ڪئي ته هي سال ملڪ ۾ امن، اقتصادي بهتري ۽ عوام جي ڀلائيءَ جو سبب بڻجي. نئين سال جي شروعات تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته نئين سال جي شروعات اسان کي ماضيءَ جي تجربن مان سکڻ ۽ مستقبل لاءِ واضح ۽ بامقصد رستو تعين ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿي. هن خاطري ڪرائي ته هو پارلياماني آئيني ذميدارين کي پوري سنجيدگي ۽ لڳن سان نڀائيندي جمهوري قدرن، عوام دوست قانون سازي ۽ عوامي ڀلائي کي هٿي وٺرائڻ کي يقيني بنائڻ ۾ پنهنجو ڪردار جاري رکندو. اسپيڪر چيو ته سال 2025ع دوران پاڪستان علائقائي ڇِڪتاڻ ۽ جنگ جهڙين حالتن کي مُنهن ڏنو، جڏهن ته پاڪ- ڀارت تڪرار کانپوءِ پاڪستان جو اصولي، ذميداراڻو ۽ مدبراڻو مؤقف عالمي سطح تي تسليم ڪيو ويو. اسپيڪر وڌيڪ چيو ته ان دوران پاڪستان سفارتي محاذ تي نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون جنهن سان نه صرف ملڪ جي وقار ۾ واڌ ٿي پر عالمي سطح تي پاڪستان جي حيثيت به وڌيڪ مستحڪم ٿي. ان موقعي تي اسپيڪر چيو ته فلسطين ۽ والاريل ڄمون ڪشمير جي مظلوم عوام کي وِساري نٿو سگهجي جيڪي انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين ۽ مسلسل ڏُکين حالتن کي مُنهن ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته غزه جي عوام اسرائيلي اڳرائي سان گڏوگڏ سخت ٿڌ جي اثرن خاص ڪري تيز برساتن ۽ انساني بحران کي به مُنهن ڏئي رهيو آهي، جنهن سان سندن ڏُکيائين ۾ واڌ ٿي آهي. قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اميد ظاهر ڪئي ته ايندڙ سال فلسطين ۽ ڪشمير جي عوام لاءِ آزادي، امن ۽ انصاف جو پيغام کڻي ايندو. سردار اياز صادق چيو ته قومي استحڪام ۽ پائيدار ترقيءَ لاءِ گڏيل برداشت، سماجي هم آهنگي ۽ سهڪار اڻٽر آهي. هن چيو ته پاڪستان جهڙي گهڻ مذهبي ۽ هر قسم جي معاشري ۾ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي ته جيئن گڏيل احترام، اتحاد، جٽادار امن کي وڌيڪ مستحڪم ڪري سگهجي. اسپيڪر عوام تي زور ڀريو ته هو اتحاد، محنت ۽ ذميداريءَ جي جذبي سان هڪ مضبوط، پُرامن ۽ خوشحال پاڪستان جي تعمير ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ نئين سال کي اجتماعي ترقي ۽ بهتريءَ جو ذريعو بڻائين.

مزید خبریں