وزيراعظم پاران پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار

اسلام آباد - 31 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي وزيراعظم هائوس ۾ …

اسلام آباد – 31 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود ۽ سعودي عرب جي وزيراعظم ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پنهنجي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جا پاڪستان جي حمايت ٿورا ادا ڪيا جنهن جي ڪري ٻئي ملڪ هڪ ٻئي جي وڌيڪ ويجهو آيا. وزيراعظم هن سال دوران ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان پنهنجي ملاقاتن جو ذڪر ڪيو جيڪي انتهائي لاڀائتيُون رهيون هيون ۽ پاڪ سعودي ٻطرفي لاڳاپن کي نئين سطحن تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن ضرورت جي وقت سعودي عرب پاران پاڪستان جي مسلسل حمايت ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ ۾ ان جي تعميري ڪردار کي پڻ ساراهيو. ملاقات ۾ تازي علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي امن ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. سعودي سفير شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان پاران وزيراعظم کي مبارڪباد وارو پيغام پهچايو. هن سعودي عرب جي پاڪستان سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں