ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جي باجوڙ ۾ شهادت ماڻيندڙ ميجر عديل شهيد جي رهائشگاهه آمد

پشاور-31 ڊسمبر (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جو گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي باجوڙ ۾ فتنه الخوارج خلاف آپريشن ۾ شهادت ماڻيندڙ ميجر عديل شهيد جي فاتحه خواني لاءِ سندس رهائشگاهه ڳڙهي سدوزئي ڊيرا اسمائيل خان ويو. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان مطابق گورنر، شهيد جي ايصال ثواب لاءِ منعقد اجتماعي قرآن خواني جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ شهيد جي والد اڳوڻي ڊي ايس پي شير زمان خان، ڀائرن گوهر زمان، …

پشاور-31 ڊسمبر (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جو گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي باجوڙ ۾ فتنه الخوارج خلاف آپريشن ۾ شهادت ماڻيندڙ ميجر عديل شهيد جي فاتحه خواني لاءِ سندس رهائشگاهه ڳڙهي سدوزئي ڊيرا اسمائيل خان ويو. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان مطابق گورنر، شهيد جي ايصال ثواب لاءِ منعقد اجتماعي قرآن خواني جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ شهيد جي والد اڳوڻي ڊي ايس پي شير زمان خان، ڀائرن گوهر زمان، عمير زمان ۽ ٻين سان تعزيت ڪري شهيد جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته شهيد ميجر عديل ڪَلمي جي نالي تي رياست ۽ سبز حلالي پرچم جي سر بلندي ۽ عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ جو عظيم فرض نڀائيندي شهادت جو رتبو ماڻيو، اسان کي پنهنجي شهيد تي فخر آهي. ميجر عديل ۽ ٻيا شهيد اسان جا محسن آهن، جن کي ڪڏهن به فراموش نه ٿو ڪري سگهجي ۽ نه ئي انهن جو رتُ رائيگان ويندو. گورنر شهيد جي قبر تي حاضري ڀري ۽ فاتحه خواني ڪئي.

مزید خبریں