اسلام آباد-31 ڊسمبر (اي پي پي) نيپرا ڊسڪوز جي نومبر جي ماهوار فيول چارجز ايڊجسٽمنٽ جي حوالي سان عوامي ٻڌڻي مڪمل ڪري ورتي. نيپرا جي ترجمان مطابق عوامي ٻڌڻي نيپرا چيئرمين جي صدارت ۾ هتي نيپرا هيڊڪوارٽر ۾ منعقد ٿي. عوامي ٻڌڻي ۾ سي پي پي اي جي، جي عهديدار، ڪاروباري برادري، توانائي وزارت جي نمائندن، صحافين ۽ عوام ڀرپور شرڪت ڪئي. سي پي پي اي جي، ايف سي اي، …
نيپرا جي ڊسڪوز جي نومبر جي ماهوار فيول چارجز ايڊجسٽمنٽ جي حوالي سان عوامي ٻڌڻي مڪمل

مزید خبریں
اسلام آباد-31 ڊسمبر (اي پي پي) نيپرا ڊسڪوز جي نومبر جي ماهوار فيول چارجز ايڊجسٽمنٽ جي حوالي سان عوامي ٻڌڻي مڪمل ڪري ورتي. نيپرا جي ترجمان مطابق عوامي ٻڌڻي نيپرا چيئرمين جي صدارت ۾ هتي نيپرا هيڊڪوارٽر ۾ منعقد ٿي. عوامي ٻڌڻي ۾ سي پي پي اي جي، جي عهديدار، ڪاروباري برادري، توانائي وزارت جي نمائندن، صحافين ۽ عوام ڀرپور شرڪت ڪئي. سي پي پي اي جي، ايف سي اي، جي مد ۾ اٽڪل 72 پيسا في يونٽ گهٽتائي جي درخواست جمع ڪرائي هئي، جيڪو صرف هڪ مهيني لاءِ ڊسڪوز خاص ڪري ڪي اليڪٽرڪ جي سمورن صارفين سواءِ لائيف لائن، پروٽيڪٽڊ صارفين، پري پيڊ صارفين ۽ اليڪٽر ويهيڪل چارجنگ اسٽيشنز تي لاڳو هوندو. ان موقعي تي اٿارٽي لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز جي راءِ کي تَسلي سان ٻڌو، اٿارٽي ڊيٽا جي جاچ پڙتال کانپوءِ پنهنجو تفصيلي فيصلو جاري ڪندي.










