اسلام آباد-31 ڊسمبر (اي پي پي) قومي ثقافت ۽ ورثي واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي سان نيشنل يونيورسٽي آف ماڊرن لينگوئجز (نمل) جي ريڪٽر ميجر جنرل (ر) شاهد محمود ڪياني ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ٻولي ۽ ثقافت جي شعبن ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن ۽ سهڪار جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران ڌُرين نيشنل هيريٽيج اينڊ ڪلچر ڊويزن ۽ نمل وچ ۾ ٻولين کي …
وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي سان نمل جي ريڪٽر جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-31 ڊسمبر (اي پي پي) قومي ثقافت ۽ ورثي واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي سان نيشنل يونيورسٽي آف ماڊرن لينگوئجز (نمل) جي ريڪٽر ميجر جنرل (ر) شاهد محمود ڪياني ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ٻولي ۽ ثقافت جي شعبن ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن ۽ سهڪار جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران ڌُرين نيشنل هيريٽيج اينڊ ڪلچر ڊويزن ۽ نمل وچ ۾ ٻولين کي هٿي وٺرائڻ، ثقافتي مٽاسٽا، تعليمي سهڪار ۽ گڏيل ثقافتي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ٻه طرفي سهڪار کي مضبوط بنائڻ تي اتفاق ڪيو. ريڪٽر نمل، وفاقي وزير کي يونيورسٽيءَ جي تعليمي ۽ اداري جاتي معاملن کان آگاهه ڪيو ۽ ٻُڌايو ته نمل تعليم، تحقيق ۽ آئوٽ ريچ پروگرامز ذريعي قومي ثقافتي پاليسين کي لاڳو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي. ميجر جنرل (ر) شاهد محمود ڪياني ٻُڌايو ته نمل گلگت بلتستان ۾ تعليمي خدمتن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ زمين کي حاصل ڪرڻ يا عمارت ڪِرائي تي وٺڻ جي امڪانن جو جائزو وٺي رهي آهي. هن وڌيڪ ٻُڌايو ته هن وقت نمل جي مختلف ڪيمپسز ۾ اٽڪل 9 هزار شاگردن کي مفت تعليم فراهم ڪئي پئي وڃي. ريڪٽر ان ڳالهه تي زور ڀريو ته نمل هڪ فلاحي ادارو آهي جيڪو پنهنجون مالي ضرورتون پاڻ پوريون ڪري ٿو. هن ٻُڌايو ته چيف آف ڊفينس فورسز (سي ڊي ايف) نمل جي بورڊ آف گورنرز (بي او جي) جو چيئرمين آهي ۽ ان جي ويزن موجب جنهن ۾ ٻولين کي ثقافت جو لازمي جُز قرار ڏنو ويو آهي، آئينده بي او جي اجلاس (جيڪو جنوري 2026ع جي پڄاڻيءَ تي ٿيڻ جي اميد آهي) ۾ لينگوئجز ڊپارٽمينٽ جو نالو تبديل ڪري لينگوئجز اينڊ ڪلچر رکڻ جي تجويز ڏني ويندي. هن وڌيڪ ٻُڌايو ته نمل هر سال اپريل ۾ سمر گالا جو بندوبست ڪندو آهي جنهن ۾ شاگرد پنهنجي مقامي ثقافتن کي اجاگر ڪن ٿا. انهن قدمن جو مقصد سڄي پاڪستان جي مقامي ثقافتن ۽ ٻولين کي تحفظ ۽ هٿي ڏيڻ آهي. ريڪٽر نمل جي سهڪار سان نمل ۾ هڪ ثقافتي پروگرام جي آغاز جي خواهش جو اظهار ڪيو، جنهن جو مقصد شاگردن کي پاڪستان جي هر قسم جي علائقن ۾ ثقافتن سان روشناس ڪرائڻ ۽ ثقافتي شعور اجاگر ڪرڻ آهي. وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي انهن قدمن کي ساراهيندي نمل ۾ لوڪ ميلا جي طرز تي اپريل ۾ ڪلچرل ايونٽ ويڪ جي بندوبست جي تجويز ڏني. هن چيو ته سڄي ملڪ مان هنرمندن، روايتي هنرمندن ۽ ثقافتي نمائشن کي يونيورسٽين ۾ آندو وڃي ته جيئن شاگردن کي پاڪستان جي ڀرپور ثقافتي ورثي، عجائب گهرن، فنون لطيفه ۽ روايتي هنرن بابت آگاهي حاصل ٿئي. وفاقي وزير وڌيڪ ٻُڌايو ته نيشنل هيريٽيج اينڊ ڪلچر ڊويزن آگسٽ جي مهيني ۾ حق جي ويڙهه جي حوالي سان 31 مختلف پروگرامن جو بندوبست ڪيو هو. ملاقات ۾ وزارت جو سيڪريٽري اسد رحماني به موجود هو.










