قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم خالده ضيا جي جنازي نماز ۾ شرڪت، مرحومه جي وارثن سان تعزيت جو اظهار

ڍاڪا-31 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق اربع ڏينهن بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم خالده ضيا جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. ڍاڪا جي هوائي اڏي تي بنگلاديش ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر عمران حيدر، اسپيڪر جي آجيان ڪئي. سردار اياز صادق مرحومه جي رهائشگاهه تي ويو جتي هن مرحومه جي پٽ طارق رحمان ۽ ڌيءَ سان تعزيت ڪئي. اسپيڪر سردار اياز صادق مرحومه جي وفات …

ڍاڪا-31 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق اربع ڏينهن بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم خالده ضيا جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. ڍاڪا جي هوائي اڏي تي بنگلاديش ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر عمران حيدر، اسپيڪر جي آجيان ڪئي. سردار اياز صادق مرحومه جي رهائشگاهه تي ويو جتي هن مرحومه جي پٽ طارق رحمان ۽ ڌيءَ سان تعزيت ڪئي. اسپيڪر سردار اياز صادق مرحومه جي وفات تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف، پارليامينٽ، حڪومت ۽ پاڪستاني عوام طرفان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته بيگم خالده ضيا جي بنگلاديش جي عوام جي ترقي، خوشحالي ۽ ڀلائي لاءِ خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو مرحومه بيگم خالده ضيا جي جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ ڍاڪا جو دورو وزيراعظم، حڪومت، پارليامينٽ ۽ پاڪستاني عوام طرفان ان کي ڏني ويندڙ عزت ۽ احترام جي عڪاسي آهي. هن چيو ته بيگم خالده ضيا پاڪستان جي مخلص دوست هئي. هن چيو ته بيگم خالده ضيا جي حڪومتي دور دوران ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ دوستي جو رشتو مضبطو هو. دوري دوران بنگلاديش جي نيشنل سيڪيورٽي ايڊوائيزر خليل الرحمان ۽ لا اينڊ جسٽس جي ايڊوائزر آصف نذرول به اسپيڪر سان ملاقات ڪئي ۽ ٻه طرفن لاڳاپن ۽ گڏيل مفادن تي ڳالهيون ڪيون. اسپيڪر جي بنگلاديش جي پارليامينٽ جي دوري دوران تعزيتي ڪتاب ۾ تاثر لکڻ وقت پرڏيهه مان آيل پرڏيهي وزير ۽ ٻين اعليٰ سطحي وفدن جا نمائندا به موجود هئا. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مطابق ڀارتي پرڏيهي وزير ايس جي شنڪر پاڻ هلي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر وٽ ويو ۽ هٿ ملائڻ دوران پنهنجو تعارف ڪرايو ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته هو سندس شخصيت کان واقف آهي. اهو رابطو پاڪ – ڀارت مئي 2025ع جي جنگ کانپوءِ ڀارت طرفان پهريون نمايان اعليٰ سطحي رابطو هو. بعد ۾ اسپيڪر، مرحومه بيگم خالده ضيا جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي ۽ دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ سندس پونئيرن ۽ بنگلاديش جي عوام کي اهو نقصان برداشت ڪرڻ لاءِ صبر عطا ڪري.

مزید خبریں