وفاقي وزير سيد عمران احمد شاهه جو پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز جو دؤرو

اسلام آباد-31 ڊسمبر (اي پي پي) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير سيد عمران احمد شاهه گذريل ڏينهن پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (پمز) جو دؤرو ڪيو، جتي هن پاڪستان بيت المال (پي بي ايم) تحت مستحق مريضن کي فراهم ٿيندڙ طبي ۽ مالي معاونت جي انتظامي ۽ سهولتي معاملن جو جائزو ورتو. دؤري جي موقعي تي پاڪستان بيت المال جا نمائندا به موجود هئا. دؤري دوران …

اسلام آباد-31 ڊسمبر (اي پي پي) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير سيد عمران احمد شاهه گذريل ڏينهن پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (پمز) جو دؤرو ڪيو، جتي هن پاڪستان بيت المال (پي بي ايم) تحت مستحق مريضن کي فراهم ٿيندڙ طبي ۽ مالي معاونت جي انتظامي ۽ سهولتي معاملن جو جائزو ورتو. دؤري جي موقعي تي پاڪستان بيت المال جا نمائندا به موجود هئا. دؤري دوران وفاقي وزير کي پمز جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر مريضن جي سهولتڪاري، علاج جي سهولت ۽ پاڪستان بيت المال سان مالي معاونت جي ڪيسن بابت بريفنگ ڏني، جڏهن ته پي بي ايم ۽ اسپتال وچ ۾ جاري ڪوآرڊينيشن جي معاملن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. ان موقعي تي ٻُڌايو ويو ته سال 25-2024ع دوران پمز ۾ 2100 کان وڌيڪ مريضن کي پاڪستان بيت المال ذريعي معاونت فراهم ڪئي وئي. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ڪيس پراسيسنگ خاص ڪري ايمرجنسي ۽ جان بچائيندڙ علاج جي ڪيسن کي وڌيڪ تيز ۽ مريضن لاءِ آسان ڪيو وڃي. ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير ٻُڌايو ته موجوده مالي سال دوران هاڻ تائين پمز ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ مريضن کي پاڪستان بيت المال تحت معاونت فراهم ڪئي وئي آهي جيڪا حڪومت طرفان سماجي تحفظ جي بهتر نظام جي عڪاسي آهي. هن وڌيڪ ٻُڌايو ته هلندڙ سال لاءِ پاڪستان بيت المال جي بجيٽ ۾ واڌ ڪندي ان کي 10 ارب رپين مان وڌائي 14 ارب رپيا ڪئي وئي آهي، جنهن سان فلاحي پروگرامن ۽ طبي معاونت کي وڌيڪ وسعت ڏني پئي وڃي. وفاقي وزير چيو ته انهيءَ نوعيت جي جائزن سان سڄي ملڪ جي اسپتالن ۽ تعليمي ادارن ۾ دؤرا جاري رکيا ويندا ته جيئن مالي معاونت ۽ اسڪالرشپس بابت مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪري سگهجي.

مزید خبریں