اسلام آباد -31 ڊسمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي اگهن ۾ 2500 روپيا گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 56 هزار 962 روپيا ٿي ويو آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب گذريل ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 2500 روپين جي گهٽتائي کان پوءِ في تولو سون 4 لک 56 هزار 962 روپيا ٿي ويو، 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت …
سڄي ملڪ ۾ سون جي اگهن ۾ 2500 روپيا في تولو گهٽتائي رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد -31 ڊسمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي اگهن ۾ 2500 روپيا گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 56 هزار 962 روپيا ٿي ويو آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب گذريل ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 2500 روپين جي گهٽتائي کان پوءِ في تولو سون 4 لک 56 هزار 962 روپيا ٿي ويو، 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 2143 روپيا 393914 روپين مان گهٽجڻ کان پوءِ 391771 روپيا ٿي وئي آهي. جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 361100 روپين مان گهٽ ٿي 359136 روپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن رپورٽ ۾ چيو آهي، ته في تولو چاندي جي قيمت 212 روپيا گهٽ ٿي آهي، جنهن کان پوءِ 7718 روپيا ۽ 10 گرام چاندي جي قيمت 182 روپيا گهٽ ٿي 6616 ٿي وئي آهي. رپورٽ موجب عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4371 ڊالرز مان گهٽجي 4346 ڊالرز ٿي وئي آهي.










