انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ روپئي جي قدر ۾ اضافو

اسلام آباد -31 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان جي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جي قدر م اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب گذريل ڏينهن انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ 03 پئسن جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جنهن کان پوءِ ان جي نئين قيمت 280 روپيا 12 پئسا ٿي وئي …

اسلام آباد -31 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان جي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جي قدر م اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب گذريل ڏينهن انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ 03 پئسن جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جنهن کان پوءِ ان جي نئين قيمت 280 روپيا 12 پئسا ٿي وئي آهي. انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ سعودي ريال جو قدر 74 روپي 69 پئسا جڏهن ته بحرين جي دينار جو قدر 743 روپيا 03 رهيو. اهڙي طرح عماني ريال جو انٽر بئنڪ مارڪيٽ قدر 727 روپيا 54 پئسا رهيو، ڪويت جي دينار جو قدر 909 روپيا 87 پئسا ۽ قطر جي ريال جو قدر 76 روپيا 84 پئسا رڪارڊ ڪيو ويو. بئي پاسي اوپن مارڪيت ۾ آمريڪي ڊالر جي خريدي قيمت 281 روپيا ۽ وڪري واري قيمت 283 روپيا رڪارڊ ڪئي وئي.

مزید خبریں