اسلام آباد - 31 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ٽنڊو محمد خان جو دورو ڪيو ۽ اڳوڻي صوبائي وزير سيد قبول محمد شاهه جي لاڏاڻي تي سعيد پور ۾ سندس رهائشگاهه وڃي فاتحه خواني ڪئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر مرحوم جي فرزندن سيد محمد سعيد شاهه، سيد محمد ڪامل شاهه ۽ سيد شير يزدان علي شاهه سان افسوس جو اظهار ڪيو. سنڌ جو وڏو …
صدر آصف علي زرداري جي ٽنڊو محمد خان آمد، اڳوڻي صوبائي وزير سيد قبول محمد شاهه جي لاڏاڻي تي فاتحه خواني

مزید خبریں
اسلام آباد – 31 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ٽنڊو محمد خان جو دورو ڪيو ۽ اڳوڻي صوبائي وزير سيد قبول محمد شاهه جي لاڏاڻي تي سعيد پور ۾ سندس رهائشگاهه وڃي فاتحه خواني ڪئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر مرحوم جي فرزندن سيد محمد سعيد شاهه، سيد محمد ڪامل شاهه ۽ سيد شير يزدان علي شاهه سان افسوس جو اظهار ڪيو. سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، سنڌ جو سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، توانائي، منصوبابندي ۽ ترقياتي وارو صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، حسن علي زرداري ۽ سنڌ اسيمبلي ميمبر اعجاز شاهه بخاري پڻ صدر سان گڏ هئا.










