قومي ويڪسين پاليسي پاران ويڪسين جي مقامي تياري کي يقيني بڻايو ويندو: وزيراعظم جو خاص مددگار ھارون اختر خان

اسلام آباد - 31 ڊسمبر(اي پي پي) وزيراعظم جي خاص مددگار ھارون اختر خان چيو آھي ته قومي ويڪسين پاليسي ويڪسين جي مقامي تياري کي يقيني بڻائيندي، ويڪسين جي مقامي تياري صحت ۽ صنعتي شعبي ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندي. صنعت ۽ پيداوار واري وزارت جي پڌارئي موجب ھارون اختر خان جي صدارت ھيٺ ويڪسين جي مقامي تياري بابت اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. صحت بابت وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال …

اسلام آباد – 31 ڊسمبر(اي پي پي) وزيراعظم جي خاص مددگار ھارون اختر خان چيو آھي ته قومي ويڪسين پاليسي ويڪسين جي مقامي تياري کي يقيني بڻائيندي، ويڪسين جي مقامي تياري صحت ۽ صنعتي شعبي ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندي. صنعت ۽ پيداوار واري وزارت جي پڌارئي موجب ھارون اختر خان جي صدارت ھيٺ ويڪسين جي مقامي تياري بابت اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. صحت بابت وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال ويڪسين پاليسي جي اجلاس جي گڏيل صدارت ڪئي. اجلاس ۾ صحت واري وزارت جي سيڪريٽري ۽ پاڪستان جي ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي جي چيئرمين به شرڪت ڪئي. خاص مددگار ھارون اختر خان چيو ته قومي ويڪسين پاليسي تي وزيراعظم لاءِ بريفنگ کي حتمي شڪل ڏني وئي آھي، قومي ويڪسين پاليسي منظوري لاءِ مڪمل طور تيار آھي. ھارون اختر خان چيو ته وزيراعظم محمد شھباز شريف جي ويزن مطابق پاڪستان ۾ ويڪسين جي مقامي تياري جي شروعات ٿيندي، قومي ويڪسين پاليسي ويڪيسن جي مقامي تياري کي يقيني بڻائيندي. ھن چيو ته ويڪسين جي مقامي تياري صحت ۽ صنعتي شعبي ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندي. ھارون اختر خان وڌيڪ چيو ته قومي ويڪسين پاليسي عوام لاءِ ڊگھي عرصي تائين فائديمند ٿيندي. صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو ته قومي ويڪسين پاليسي وقت جي اھم ضرورت آھي، جنھن سبب پرڏيھي ويڪسين تي ڀاڙڻ جو خاتمو ٿيندو. ھن چيو ته عالمي معيار ۽ عالمي بھترين روايتن مطابق ويڪسين جي تياري يقيني بڻائي ويندي. مصطفيٰ ڪمال چيو ته قومي ويڪسين پاليسي جلد وزيراعظم محمد شھباز شريف کي پيش ڪئي ويندي.

مزید خبریں