ايران ڪينڊا جي بحريه کي ” دهشتگرد تنظيمن “ جي فهرست ۾ شامل ڪري ڇڏيو

تهران -31 ڊسمبر (اي پي پي) ايران، ڪينيڊا جي سامونڊي فوج کي” دهشت گرد تنظيمن “ جي فهرست ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق ايران جي پرڏيهي وزارت ” رائل ڪينيڊين نيوي “ (ڪينيڊا جي شاهي بحريه ) کي” دهشتگرد تنظيم “ قرار ڏئي ڇڏيو آهي. اهي قدم سال 2024ع ۾ ڪينيڊا طرفان ايران جي پاسداران انقلاب اسلامي کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏيڻ جي ردعمل ۾ سامهون آيو …

تهران -31 ڊسمبر (اي پي پي) ايران، ڪينيڊا جي سامونڊي فوج کي” دهشت گرد تنظيمن “ جي فهرست ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق ايران جي پرڏيهي وزارت ” رائل ڪينيڊين نيوي “ (ڪينيڊا جي شاهي بحريه ) کي” دهشتگرد تنظيم “ قرار ڏئي ڇڏيو آهي. اهي قدم سال 2024ع ۾ ڪينيڊا طرفان ايران جي پاسداران انقلاب اسلامي کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏيڻ جي ردعمل ۾ سامهون آيو آهي. ايران جي پرڏيهي وزارت هڪ بيان ۾ چيو ته اهي قدم اوٽاوا (ڪينيڊا) طرفان پاسداران انقلاب کي دهشتگرد قرار ڏيڻ جي جواب ۾ کنيو ويو آهي جيڪو عالمي قانون جي بنيادي اصولن جي ابتڙ هو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ايران ” گڏيل برابري جي اصولن جي دائريڪار تحت ڪينيڊا جي شاهي بحريه کي دهشتگرد تنطيم نامزد ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي “ . جڏهن ته ايران ان نامزدگي جي امڪاني اثرن يا  نتيجن جي وضاحت ناهي ڪئي. ياد رهي ته 19 جون 2024ع تي ڪينيڊا ايران جي پاسداران انقلاب کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏنو هو. ان فيصلي تحت پاسداران انقلاب جي ميمبرن کي ڪينيڊا ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي هئي ۽ ڪينيڊا جي شهرين لاءِ ان تنظيم يا ان جي ڪنهن به ميمبر سان ڏيتي ليتي ڪرڻ خطرناڪ قرار ڏنو هو.

مزید خبریں