گڏيل عرب امارات سان ٻه طرفا لاڳاپا برقرار رکڻ جي اميد آهي: سعودي عرب

رياض-31 ڊسمبر(اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت گڏيل عرب امارات تي افسوس  جو اظهار ڪيو آهي ته هن ڏکڻ عبوري ڪائونسل جي فوج تي دٻاءُ وڌائي سعودي عرب جي ڏکڻ سرحد تي حضر موت ۽ المهره ۾ عسڪري ڪارروائيون ڪرڻ تي مجبور ڪيو، جيڪو مملڪت جي قومي سيڪيورٽي ۽ يمن ۽ خطي ۾ سيڪيورٽي ۽ استحڪام لاءِ سنگين خطرو آهن. پرڏيهي خابرو اداري مطابق سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت چيو ته …

رياض-31 ڊسمبر(اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت گڏيل عرب امارات تي افسوس  جو اظهار ڪيو آهي ته هن ڏکڻ عبوري ڪائونسل جي فوج تي دٻاءُ وڌائي سعودي عرب جي ڏکڻ سرحد تي حضر موت ۽ المهره ۾ عسڪري ڪارروائيون ڪرڻ تي مجبور ڪيو، جيڪو مملڪت جي قومي سيڪيورٽي ۽ يمن ۽ خطي ۾ سيڪيورٽي ۽ استحڪام لاءِ سنگين خطرو آهن. پرڏيهي خابرو اداري مطابق سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت چيو ته اهي قدم نهايت خطرناڪ آهن ۽ يمن ۾ آئيني حڪومت جي اتحاد جي بنيادي اصولن سان هڪجهڙائي نٿا رکن ۽ نه ئي وري اهي يمن کي سيڪيورٽي ۽ استحڪام فراهم ڪرڻ جي ڪوششن جي حمايت ۾ آهن .سعودي عرب ان ڳالهه تي زور ڀريو ته گڏيل عرب امارات کي جهموري يمن جي درخواست مطابق پنهنجي فوج کي 24 ڪلاڪن اندر يمن مان واپس  ڪڍڻ گهرجي ۽ يمن ۾ ڪنهن به ڌر کي ڪنهن به قسم جي عسڪري يا مالي مدد فراهم ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. مملڪت ان اميد جو اظهار ڪيو ته حڪمت ۽ ڀائيچارو ، پاڙيسرين سان بهتر سلوڪ جي اصولن، نار سهڪار ڪائونسل جي ميمبر ملڪن وچ ۾ ويجهن لاڳاپن ۽ برادر ملڪ يمن جي مفادن کي عزيز رکيو وڃي. بيان ۾ گڏيل عرب امارات تي زور ڀريو ويو ته  هو اهڙا قدم کڻي جيڪي ٻه طرفن لاڳاپن کي برقرار رکڻ ۽ مستحڪم ڪرڻ لاءِ ضروري آهن. سعودي عرب لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۽ خطي جي ملڪن جي خوشحالي لاءِ گڏيل ڪوششن تي يقين رکي ٿو.

مزید خبریں