اسلام آباد-30 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر سردار اياز صادق بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم بيگم خالده ضياء جي جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ (اڄ) اربع ڏينهن ڍاڪا روانو ٿيندو. هتي جاري بيان مطابق قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر سردار اياز صادق، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي ڍاڪا روانو ٿي رهيو آهي، جيڪو پاڪستان جي حڪومت، پارليامينٽ ۽ عوام طرفان بنگلاديش جي عوام سان ان گهري ڏُک …
سردار اياز صادق بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم بيگم خالده ضياء جي جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ (اڄ) ڍاڪا روانو ٿيندو

مزید خبریں
اسلام آباد-30 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر سردار اياز صادق بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم بيگم خالده ضياء جي جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ (اڄ) اربع ڏينهن ڍاڪا روانو ٿيندو. هتي جاري بيان مطابق قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر سردار اياز صادق، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي ڍاڪا روانو ٿي رهيو آهي، جيڪو پاڪستان جي حڪومت، پارليامينٽ ۽ عوام طرفان بنگلاديش جي عوام سان ان گهري ڏُک ۾ همدردي ۽ يڪجهتيءَ جي عڪاسي ڪري ٿو. پنهنجي دؤري دوران اياز صادق، وزيراعظم، حڪومت، پارليامينٽ ۽ پاڪستان جي عوام طرفان بيگم خالده ضياء جي سوڳوار خاندان کي دل جي گهرائين سان تعزيت جو پيغام پهچائيندو ۽ سندس سياسي ميراث ۽ خدمتن کي خراجِ عقيدت پيش ڪندو. ان کان علاوه اياز صادق بنگلاديش جي عبوري حڪومت جي سينيئر عملدارن سان به ملاقاتون ڪندو. سردار اياز صادق جو هي دؤرو پاڪستان جي بنگلاديش سان پارلياماني ۽ عوامي سطح تي رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۽ غم جي وقت ۾ يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو.










