پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي قيادت پاران آءِ ٽي، توانائي، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات ۽ دفاعي تعاون سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ

رحيم يار خان - 30 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي قيادت آءِ ٽي، توانائي، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات ۽ دفاعي تعاون سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ پراڻي، ڀائراڻي لاڳاپن کي اسٽريٽجڪ ۽ گڏيل طور تي ڪارائتي اقتصادي حصيداري ۾ تبديل …

رحيم يار خان – 30 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي قيادت آءِ ٽي، توانائي، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات ۽ دفاعي تعاون سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ پراڻي، ڀائراڻي لاڳاپن کي اسٽريٽجڪ ۽ گڏيل طور تي ڪارائتي اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪندي ٻطرفي واپار ۾ نمايان اضافي جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف شيخ زايد پيليس رحيم يار خان ۾ گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي صدر ۽ ابوظهبي جي حڪمران شيخ محمد بن زايد النهيان سان ملاقات ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. بيان موجب ملاقات انتهائي گرمجوش ۽ خوشگوار ماحول ۾ ٿي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن 26 ڊسمبر 2025ع تي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ پنهنجي تازي ملاقات ۾ ٿيندڙ خيالن جي ڏي وٺ کي اڳتي وڌايو. شيخ محمد بن زايد النهيان يو اي اي جي صدر جي حيثيت سان پاڪستان جو پنهنجو پهريون سرڪاري دورو ڪيو. وزيراعظم پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ پراڻي، ڀائراڻي لاڳاپن کي هڪ اسٽريٽجڪ ۽ گڏيل طور تي ڪارائتي اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن ٻطرفي واپار ۾ نمايان اضافي جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن ان کي گهربل سطح تائين پهچائي سگهجي. ٻنهي اڳواڻن آءِ ٽي، توانائي، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات ۽ دفاعي تعاون سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي امڪانن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف شيخ محمد بن زايد النهيان جي متحرڪ ۽ دورانديش قيادت ۾ گڏيل عرب امارات جي شاندار ترقي تي گهري اطمينان ۽ ساراهه جو اظهار ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ يو اي اي جي صدر جي عزم تي ان جا ٿورا مڃيا. هن گڏيل عرب امارات پاران 21 لک پاڪستانين جي ميزباني کي پڻ ساراهيو جيڪي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي تعاون کانسواءِ مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. بيان موجب اها ملاقات پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ هڪ سال دوران قيادت جي سطح تي ٿيندڙ ڀرپور رابطن جو تسلسل آهي.

مزید خبریں