مسلم ليگ (ن) جو يومِ تاسيس اسان جي سياسي تاريخ، ڊگهي جدوجهد ۽ قومي عزم جي روشن علامت آهي: احسن اقبال

اسلام آباد-30 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال مسلم ليگ (ن) جي 119هين يومِ تاسيس جي تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. تقريب ۾ قومي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، انجم عقيل ۽ راجا خرم نواز سميت پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته مسلم ليگ (ن) …

اسلام آباد-30 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال مسلم ليگ (ن) جي 119هين يومِ تاسيس جي تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. تقريب ۾ قومي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، انجم عقيل ۽ راجا خرم نواز سميت پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته مسلم ليگ (ن) جو يومِ تاسيس اسان جي سياسي تاريخ، ڊگهي جدوجهد ۽ قومي عزم جي روشن علامت آهي. هن (ن) ليگ جي 119هين يومِ تاسيس تي سڄي قوم کي مبارڪ ڏيندي چيو ته ان پارٽيءَ جو بنياد هڪ واضح نظريي، مقصد ۽ قومي شعور تي رکيو ويو هو. هن چيو ته ننڍي کنڊ ۾ مسلمانن جي زندگي ڏُکي بڻائي وئي هئي، ان وقت ۾ علامه محمد اقبال پنهنجي فڪر ۽ فلسفي سان مسلمانن کي هڪ نئون نظريو ڏنو ۽ خوديءَ جي سُڃاڻپ جي شعور کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته علامه اقبال مسلمانن ۾ حريت جي جذبي کي بيدار ڪيو ۽ 37 خطن ذريعي قائداعظم محمدعلي جناح کي مسلمانن جي آزاديءَ جي جدوجهد جي قيادت سنڀالڻ تي راضي ڪيو. هن چيو ته قائداعظم محمدعلي جناح پاڪستان گولي سان نه پر دليل، آئين ۽ قانون ذريعي حاصل ڪيو. سخت بيماريءَ باوجود قائداعظم آزاديءَ جي جدوجهد ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي. هن واضح ڪيو ته پاڪستان جو قيام ڪنهن غريب يا ڪمزور رياست جي اضافي لاءِ نه پر هڪ نظرياتي رياست جي قيام لاءِ هو، جنهن جو بيان حضور اڪرمﷺ جي اسوه تي رکيو ويو. احسن اقبال چيو ته اڄ ڀارت طرفان اهي ئي سازشون ٻيهر شروع ڪيون پيون وڃن، جيڪي ماضيءَ ۾ پاڪستان خلاف ڪيون وينديون هيون، جڏهن ته دنيا ڏسي رهي آهي ته بنگلاديش جي عوام به ڀارتي سازشن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته قائداعظم ۽ علامه اقبال مسلم ليگ ۾ هڪ نئون روح ڦوڪيو، جيڪو اڄ به اسان جي جدوجهد جو بنياد آهي. هن چيو ته جڏهن به مسلم ليگ (ن) کان اقتدار کسيو ويو، ملڪ کي لُٽ مار، بدحالي ۽ عدم استحڪام کي مُنهن ڏيڻو پيو، جڏهن ته جڏهن به مسلم ليگ (ن) قيادت سنڀالي، پاڪستان ترقيءَ جي راهه تي گامزن ٿيو. هن زور ڀريو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان ٻيهر علم ۽ تحقيق طرف واپس ٿيون، ڇاڪاڻ ته قرآن پاڪ اسان کي ڪائنات جي جُڙڻ جي تعليم ڏئي ٿو. احسن اقبال چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ اُڏام پاڪستان پروگرام ذريعي ملڪ ۾ نئين سر تعمير جي هڪ نئين تحريڪ شروع ٿي چڪي آهي. هن چيو ته اسان حق جي ويڙهه کٽي چڪا آهيون. هن چيو ته (ن) ليگ هميشه هاڪاري سوچ سان ملڪ ۾ ترقياتي منصوبن جو ڄار وڇايو آهي، اڄ اسان وٽ بجيٽ، وسيلا ۽ صلاحيتون موجود آهن ۽ اسان 2035ع تائين هڪ ٽريلين ڊالر جي معيشت بڻجي سڄي دنيا کي ڏيکاري سگهون ٿا پر شرط اهو آهي ته اسان قائداعظم جي سونهري اصولن اتحاد، ايمان ۽ تنظيم تي عمل ڪريون. هن چيو ته پاڪستان ۾ هر مذهب ۽ طبقي جو ماڻهو وطن جي دفاع لاءِ جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن ڪارڪنن کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته توهان اهي ڪارڪن آهيو جيڪي ڏُکين حالتن ۾ به پارٽيءَ سان شيهي جي ديوار بڻجي بيٺا رهيا. هن واضح ڪيو ته (ن) ليگ جي هوندي ڪوبه پاڪستان تي ميري نظر نٿو وجهي سگهي ۽ نه ئي پاڪستان جي فوج تي  ڪو ميري نظر سان ڏسڻ جي جرئت ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جنهن راند ۾ مصروف آهي اها دشمنن جي ايجنڊا کي هٿي ڏئي رهي آهي، ان ڪري اهڙن عنصرن جي راند جو حصو نه بڻجو، جيڪو پاڪستان ۽ ان جي فوج کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا. پنهنجي خطاب جي پڄاڻيءَ تي هن چيو ته جهڙيءَ طرح اڄ دنيا پاڪستان کان دفاعي حڪمت عملي سکي رهي آهي، اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن پاڪستان جي معاشي ڪاميابين کان به رهنمائي حاصل ڪندي.

مزید خبریں