اسلام آباد-30 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته محترمه جي شهادت نه صرف پاڪستان پر عالمي برادريءَ لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو سمورن مڪتبِ فڪر لاءِ اميد ۽ حوصلي جي علامت هئي، هن هميشه عوام جي حقن لاءِ آواز بلند ڪيو، هن پنهنجي والد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي مشن …
شهيد محترمه بينظير ڀٽو سمورن مڪتبِ فڪر لاءِ اميد ۽ حوصلي جي علامت هئي: سيد يوسف رضا گيلاني

مزید خبریں
اسلام آباد-30 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته محترمه جي شهادت نه صرف پاڪستان پر عالمي برادريءَ لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو سمورن مڪتبِ فڪر لاءِ اميد ۽ حوصلي جي علامت هئي، هن هميشه عوام جي حقن لاءِ آواز بلند ڪيو، هن پنهنجي والد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي مشن کي جرئت، استقامت ۽ بصيرت سان اڳتي وڌايو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي انتظام هيٺ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 18هين يومِ شهادت جي مناسبت سان منعقد تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي بي آءِ ايس پي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد، سيڪريٽري عامر علي احمد ۽ لاڳاپيل آفيسرن ۽ عملي شرڪت ڪئي. سينيٽ چيئرمين چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ويزن ۽ عوام دوست سوچ جو عملي اظهار آهي. ان پروگرام سان مستحق گهراڻن جي عورتن کي بااختيار بڻايو ويو، کين گهراڻي جي سربراهه جو درجو ڏنو ويو ۽ شناختي ڪارڊ ذريعي شهري جي سُڃاڻپ، مالي معاملن ۾ شموليت ۽ ووٽ جي حق کي هٿي ملي. هن چيو ته مستحق عورتن جي معاشي خودمختياريءَ لاءِ بي آءِ ايس پي جو ڪردار اهم آهي ۽ ان جو تسلسل وقت جي ضرورت آهي. ان موقعي تي بي آءِ ايس پي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو نه صرف پاڪستان پر سڄي دنيا جي عورتن لاءِ مشعل راهه آهي، عورتون پنهنجي طاقت، حوصلي ۽ فڪري آزادي بي بي شهيد جي نالي سان حاصل ڪن ٿيون. هن چيو ته بي آءِ ايس پي گذريل 18 سالن کان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ويزن تي عمل پيرا آهي ۽ اڄ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ مستحق عورتون ان پروگرام مان فائدو کڻي رهيون آهن. هن ٻُڌايو ته صدرِ مملڪت ۽ وزيراعظم جي هدايتن تي دنيا جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سوشل پروٽيڪشن والٽ ذريعي هڪ ڪروڙ مستحق عورتن جي مالي نظام ۾ بااختيار شموليت کي يقيني بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته بينظير تعليمي وظيفن تحت هڪ ڪروڙ 20 لک کان وڌيڪ ٻار وظيفا حاصل ڪري رهيا آهن، جڏهن ته بينظير هنرمند پروگرام ۽ بينظير واڌ ويجهه پروگرام عورتن، مائرن ۽ ٻارن جي ڀلائيءَ لاءِ نمايان قدم آهن جيڪي بي آءِ ايس پي جي ڪاميابين جو واضح ثبوت آهن. تقريب جي پڄاڻيءَ تي چيئرپرسن، سينيٽ چيئرمين کي يادگار شيلڊ پيش ڪئي.










