اسلام آباد-30 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان حڪومت ۽ ايشيائي ترقياتي بينڪ (اي ڊي بي) وچ ۾ 304.5 ملين ڊالر جي ٻن وڏن موسمياتي تبديلي بابت منصوبن تي صحيحُون ڪيُون ويُون. اقتصادي معاملن واري وزارت مان جاري پڌرائي مطابق انهن منصوبن ۾ 180.5 ملين ڊالر جو سنڌ ڪوسٽل ريزيلنس پراجيڪٽ ۽ پنجاب ڪلائيميٽ ريزيلنٽ ۽ 124 ملين آمريڪي ڊالر ماليت جو لو ڪاربن زرعي مشينري منصوبو شامل آهي. اقتصادي معاملن …
پاڪستان ۽ ايشيائي ترقياتي بينڪ وچ ۾ 304.5 ملين ڊالر جي ٻن اهم موسمياتي منصوبن تي صحيحُون

مزید خبریں
اسلام آباد-30 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان حڪومت ۽ ايشيائي ترقياتي بينڪ (اي ڊي بي) وچ ۾ 304.5 ملين ڊالر جي ٻن وڏن موسمياتي تبديلي بابت منصوبن تي صحيحُون ڪيُون ويُون. اقتصادي معاملن واري وزارت مان جاري پڌرائي مطابق انهن منصوبن ۾ 180.5 ملين ڊالر جو سنڌ ڪوسٽل ريزيلنس پراجيڪٽ ۽ پنجاب ڪلائيميٽ ريزيلنٽ ۽ 124 ملين آمريڪي ڊالر ماليت جو لو ڪاربن زرعي مشينري منصوبو شامل آهي. اقتصادي معاملن واري وزارت جي سيڪيريٽري ڊويزن محمد حمير ڪريم ان موقعي تي ٻڌايو ته موسمياتي تبديلي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ، قدرتي آفتن جي خطرن ۾ گهٽتائي ۽ پائيدار زرعي ترقي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هڪ اهم سنگ ميل پار ڪندي اي ڊي بي جي سهڪار سان ٻن وڏن قومي منصوبن تي صحيح ڪئي وئي آهي. اهي منصوبا نه صرف پاڪستان جي سامونڊي ۽ زرعي علائقن کي موسمياتي اثرن کان محفوظ بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا پر معاشي استحڪام، غذائي تحفظ ۽ شموليتي ترقي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ به نمايان مددگار ثابت ٿيندا. هن اي ڊي بي طرفان اعتماد جوڳي ترقياتي ڀائيوار طور پاڪستان سان مسلسل سهڪار تي ٿورو مڃيو. هن چيو ته سنڌ ڪوسٽل ريزيلنس منصوبو مربوط آبي وسيلن ۽ ٻوڏ جي خطرن کان بچاءَ جي انتظام کي هٿي ڏيندو، ان سان قدرتي بنيادن تي سامونڊي حفاظتي قدمن جي بحالي ۾ مدد ملندي ۽ اسٽريٽجڪ ايڪشن پلاننگ لاءِ اداري جاتي ۽ ڪميونٽي سطح جي صلاحيت کي مضبوط بنائيندو. هن ٻڌايو ته اهو منصوبو 140.5 ملين ڊالر (جنهن ۾ 140 ملين ڊالر قرض ۽ 0.5 ملين ڊالر فني معاونت گرانٽ شامل آهن)، 40 ملين آمريڪي ڊالر گرين ڪلائنٽ فنڊ سان ۽ 20 ملين آمريڪي ڊالر سنڌ حڪومت طرفان ڪائونٽر پارٽ فنڊنگ طور فراهم ڪرڻ سان مڪمل ٿيندو. ان منصوبي سان ٺٽو، سجاول ۽ بدين ضلعن ۾ 38 لک کان وڌيڪ ماڻهو سڌي ريت فائدو کڻندا. هن چيو ته پنجاب ڪلائميٽ ريزيلينٽ ۽ لو ڪاربن زرعي مشينري منصوبو پنجاب جي 30 ضلعن ۾ زرعي پيداوار ۽ موسمياتي تبديلي کي بهتر بنائيندو. 129 ملين آمريڪي ڊالر لاڳت جو هي منصوبو 120 ملين ڊالر اي ڊي بي قرض، 4 ملين ڊالر اي ڊي بي گرانٽ ۽ 5 ملين ڊالر پنجاب حڪومت جي ڪائونٽر پارٽ فنڊنگ سان مالي مدد سان ٿيندو. ان منصوبي تحت ننڍن آبادگارن جي موسمياتي سمارٽ مشينري تائين پهچ بهتر بنائي ويندي، فصلن جي باقيات ساڙڻ ۾ گهٽتائي لاءِ سرڪلر ايگريڪلچر جا طريقا متعارف ڪرايا ويندا، جاچ ۽ تربيتي سهولتون قائم ڪيون وينديون ۽ 15 هزار عورتن کي مهارتن جي تربيت ۽ متبادل روزگار جي موقعن ذريعي با اختيار بنايو ويندو. سيڪريٽري زور ڀريو ته ٻئي منصوبا نوعيت جي اعتبار سان تمام اهم آهن، سنڌ ڪوسٽل ريزيلنس منصوبو سنڌ جي ڪمزور سامونڊي علائقي ۾ روزگار، غذائي تحفظ ۽ حياتياتي تنوع جي تحفظ ۾ مدد ڏيندو، جڏهن ته پنجاب جو مشينري منصوبو پائيدار، گهٽ ڪاربن زرعي ترقي ۽ شموليتي ترقي کي هٿي ڏيندو. هن موسمياتي تبديلي جي خطرن کي منهن ڏيڻ ۽ سامونڊي آبادين جي تحفظ ۾ سنڌ ڪوسٽل ريزيلنس منصوبي جي اهميت تي روشني وڌي ۽ پنجاب مشينري منصوبي کي زراعت جي جديدڪاري ۽ نيڪال ۾ گهٽتائي طرف هڪ اهم قدم قرار ڏنو. ڌرين انهن منصوبن جي وقت سر ۽ اثرائتي مڪمل ٿيڻ لاءِ فراهم ڪيل مالي وسيلن جي بهترين استعمال جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.










