اسلام آباد-30 ڊسمبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته وڪيل برادري عدالتي نظام جو اهم ٿنڀ آهي، حڪومت سندن مشاورت سان سڌارن واري عمل کي اڳتي وڌائڻ چاهي ٿي. حڪومت وڪيل برادري جي مسئلن جي حل، قانوني سڌارن کي هٿي وٺرائڻ ۽ قانون جي بالادستيءَ لاءِ بار ايسوسيئيشنز سان ويجهو ۽ مسلسل رابطو برقرار رکندي. ترجمان مطابق اهڙن خيالن جو …
وڪيل برادري عدالتي نظام جو اهم ٿنڀ آهي، حڪومت سندن مشاورت سان سڌارن واري عمل کي اڳتي وڌائڻ چاهي ٿي: سينيٽر اعظم نذير تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد-30 ڊسمبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته وڪيل برادري عدالتي نظام جو اهم ٿنڀ آهي، حڪومت سندن مشاورت سان سڌارن واري عمل کي اڳتي وڌائڻ چاهي ٿي. حڪومت وڪيل برادري جي مسئلن جي حل، قانوني سڌارن کي هٿي وٺرائڻ ۽ قانون جي بالادستيءَ لاءِ بار ايسوسيئيشنز سان ويجهو ۽ مسلسل رابطو برقرار رکندي. ترجمان مطابق اهڙن خيالن جو اظهار هن راولپنڊي ايسوسيئيشن جي وڪيلن جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ وڪيلن جي ڀلائي، قانوني نظام جي بهتري ۽ ملڪ ۾ مجموعي امن امان جي صورتحال تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي وفد وڪيلن جي بهتري ۽ قانون ۽ انصاف جي نظام کي مضبوط بڻائڻ لاءِ موجوده حڪومت جي عملي قدمن کي ساراهيو. وفد جو چوڻ هو ته حڪومت جي سنجيده ڪوششن جي ڪري وڪيلن کي درپيش مسئلن جي حل ۾ اڳڀرائي ۽ پيشيوراڻي ماحول ۾ بهتري ممڪن ٿي رهي آهي. ملاقات دوران قانوني ادارن ۾ جاري تعميراتي ۽ توسيعي منصوبن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، جنهن جو مقصد وڪيلن کي بهتر سهولتون ۽ جديد انفراسٽرڪچر فراهم ڪرڻ آهي. ٻنهي طرفان انهن منصوبن جي وقت سر مڪمل ٿيڻ جي اهميت تي زور ڀريو ويو. قانون واري وزير چيو ته وڪيل برادري عدالتي نظام جو اهم ٿنڀ آهي ۽ حڪومت سندن مشاورت سان سڌارن واري عمل کي اڳتي وڌائڻ چاهي ٿي.










