اسلام آباد- 30 ڊسمبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ جزوي جهڙالي رهندي، جڏهن ته بلوچستان، خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان، ڪشمير، اسلام آباد ۽ پوٺورهار خطي ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي، اتر اوڀر/ ڏکڻ پنجاب جي علائقن ۾ وچولي کان شديد ڪوهيڙو جو امڪان …
ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ جزوي جهڙالي رهندي: موسميات کاتو

مزید خبریں
اسلام آباد- 30 ڊسمبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ جزوي جهڙالي رهندي، جڏهن ته بلوچستان، خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان، ڪشمير، اسلام آباد ۽ پوٺورهار خطي ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي، اتر اوڀر/ ڏکڻ پنجاب جي علائقن ۾ وچولي کان شديد ڪوهيڙو جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق اڄ (اربع) اتر بلوچستان، خيبرپختونخوا، گلگت بلتستان، ڪشمير، اسلام آباد ۽ پنجاب ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي. اتر اوڀر/ ڏکڻ پنجاب ۽ مٿانهين سنڌ جي علائقن ۾ صبح/رات جي وقت ۾ ڪوهيڙو جو امڪان آهي جڏهن ته ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ جزوي جهڙالي رهڻ جو امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ جڏهن ته مٿانهين ۽ اولهندي علائقن ۾ جهڙالي رهي. اتر اولهندي بلوچستان ۽ مٿانهين خيبر پختونخوا ۾ ڪجهه هنڌن تي برسات ۽ جبلن تي برفباري ٿي. ان دوران پنجاب ۾ وچولي کان شديد ڪوهيڙو ڇانئيل رهيو.










