نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ نجڪاري بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد - 30 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ نجڪاري بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. نجڪاري واري وزارت جي سيڪريٽري پي آءِ اي جي نجڪاري جي ايندڙ حڪمت عملي تي تفصيلي بريفنگ ڏني. نجڪاري بابت ڪابينا ڪميٽي پي آءِ اي جي 75 سيڪڙو شيئرز جي لاءِ عارف حبيب ڪنسورشيم جي قيادت ۾ قائم ڪنسورشيم جي 135 ارب رپين …

اسلام آباد – 30 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ نجڪاري بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. نجڪاري واري وزارت جي سيڪريٽري پي آءِ اي جي نجڪاري جي ايندڙ حڪمت عملي تي تفصيلي بريفنگ ڏني. نجڪاري بابت ڪابينا ڪميٽي پي آءِ اي جي 75 سيڪڙو شيئرز جي لاءِ عارف حبيب ڪنسورشيم جي قيادت ۾ قائم ڪنسورشيم جي 135 ارب رپين جي ٻولي جي توثيق ڪندي ان جي منظوري جي لاءِ ڪابينا کي سفارش ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ نائب وزيراعظم سمورين لاڳاپيل ڌرين تي زور ڏنو ته ان اميد ۽ خواهش سان نجڪاري جي عمل کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ وقت سر قدم کنيا وڃن ته جيئن ان قدم سان پي آءِ اي پنهنجي سنهري دور کي ٻيهر حاصل ڪري سگهي. اجلاس ۾ توانائي واري وزير، وزيراعظم جي نجڪاري، صنعت ۽ پيداوار وارن صلاحڪارن، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، بلال ڪياني، ڪابينا واري وفاقي سيڪريٽري، نجڪاري، دفاع، قانون، توانائي، نجڪاري بابت ڪميشن، صنعت ۽ پيداوار وارن سيڪريٽرين ۽ لاڳاپيل ادارن جي ٻين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں