پي آءِ اي جو لنڊن لاءِ ٻيهر اڏامون شروع ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد -30 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائينز (پي آءِ اي) برطانيه لاءِ پنهنجي فلائيٽ آپريشنز ۾ اضافي جو اعلان ڪندي لنڊن لاءِ ٻيهر اڏامون شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پي آءِ اي ترجمان موجب 29 مارچ کان اسلام آباد کان لنڊن لاءِ هفتيوار 4 اڏامون هلايون وينديون جيڪي 6 سالن جي ڊگهي وقفي کان پوءِ روانيون ٿينديون. اهي اڏامون لنڊن جي هيٿرو ايئرپورٽ جي جديد …

اسلام آباد -30 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائينز (پي آءِ اي) برطانيه لاءِ پنهنجي فلائيٽ آپريشنز ۾ اضافي جو اعلان ڪندي لنڊن لاءِ ٻيهر اڏامون شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پي آءِ اي ترجمان موجب 29 مارچ کان اسلام آباد کان لنڊن لاءِ هفتيوار 4 اڏامون هلايون وينديون جيڪي 6 سالن جي ڊگهي وقفي کان پوءِ روانيون ٿينديون. اهي اڏامون لنڊن جي هيٿرو ايئرپورٽ جي جديد ٽرمينل 4 تان آپريٽ ڪيون وينديون. واضح رهي ته لنڊن پي آءِ اي جو قديم ترين ۽ سڀ کان منافعي بخش عالمي رستو آهي. قومي ايئر لائين پهرين ئي مانچسٽر لاءِ هفتيوار 3 اڏامون ڪاميابي سان هلائي رهي آهي ۽ هاڻي لنڊن روٽ جي بحالي سان برطانيه لاءِ مجموعي فضائي آپريشن ۾ وڌيڪ بهتري ايندي.

مزید خبریں