پاڪستان اسڪلز امپيڪٽ بانڊ جي باضابطه شروعات، ناڻي وزارت جي ضمانت تحت 3 سالن جي مالياتي نظام جي پهرين هڪ ارب رپين جي پائليٽ قسط کي عملي شڪل ڏني وئي

اسلام آباد-30 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان تاريخي سنگِ ميل پار ڪندي نجي سرمائي جي مالي مدد سان ملڪ جي پهرين پاڪستان اسڪلز امپيڪٽ بانڊ (پي ايس آءِ بي) جي باضابطه شروعات ڪري ڇڏي. ناڻي واري وزارت جي ضمانت تحت 3 سالن جي مالياتي نظام جي پهرين هڪ ارب رپين جي پائليٽ قسط کي عملي شڪل ڏني وئي آهي، جنهن جو مقصد فني هنر جي ترقي جي وسيع ۽ قابل …

اسلام آباد-30 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان تاريخي سنگِ ميل پار ڪندي نجي سرمائي جي مالي مدد سان ملڪ جي پهرين پاڪستان اسڪلز امپيڪٽ بانڊ (پي ايس آءِ بي) جي باضابطه شروعات ڪري ڇڏي. ناڻي واري وزارت جي ضمانت تحت 3 سالن جي مالياتي نظام جي پهرين هڪ ارب رپين جي پائليٽ قسط کي عملي شڪل ڏني وئي آهي، جنهن جو مقصد فني هنر جي ترقي جي وسيع ۽ قابل توسيع پروگرام لاءِ فنڊ فراهم ڪرڻ آهي. ناڻي وزارت طرفان اڱاري ڏينهن جاري پريس رليز مطابق اهو امپيڪٽ بانڊ اهڙا پيمائش جوڳا نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ جوڙيو ويو آهي جن ۾ هر تربيت يافته فرد لاءِ سرٽيفڪيشن، روزگار حاصل ڪرڻ ۽ گهٽ ۾ گهٽ 6 مهينن تائين ملازمت برقرار رکڻ شامل آهي. پي ايس آءِ بي پاڪستان ۾ اسڪلز ڊولپمينٽ جي مالي مدد جي طريقيڪار ۾ هڪ بنيادي تبديلي جي عڪاسي ڪري رهيو آهي جنهن جي ذريعي اِن پُٽ تي ٻَڌل سرڪاري خرچن کان هٽي ڪري نتيجن تي ٻَڌل، نجي شعبي جي سهڪار سان سماجي سيڙپڪاريءَ طرف فيصلي وارو قدم کنيو ويو آهي، اهو ماڊل ترتيبوار ايندڙ قسطن ۾ تربيت يافته ماڻهن جي پگهارن جي هڪ معمولي حصي سان ڳنڍيل هوندو جنهن سان ڊگهي مُدي واري پائيداريءَ کي يقيني بڻائي سگهبو ۽ پاڪستان جي آبادياتي فائدي کي نه صرف ملڪي سطح تي پر سرٽيفائيڊ افرادي سگهه جي برآمد ذريعي عالمي سطح تي به اثرائتي انداز ۾ ڪتب آڻي سگهبو. پاڪستان اسڪلز امپيڪٽ بانڊ جي افتتاحي تقريب ۾ سيڙپڪارن ۽ جاري ڪندڙن معاهدن سميت فنانسنگ دستاويزن تي به صحيح ڪئي وئي. تقريب ۾ اعليٰ سطحي عملدارن، ترقياتي ڀائيوارن، نجي شعبي جي نمائندن ۽ عالمي تنظيمن جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب پي ايس آءِ بي کي پاڪستان جي وسيع اقتصادي سڌارن جي ايجنڊا ۽ انساني سرمائي جي حڪمت عمليءَ ۾ انقلابي قدم قرار ڏنو. هن ان ڏينهن کي تعليم ۽ تربيت تي ٻَڌل هڪ اهم لمحو قرار ڏيندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان جو آبادياتي فائدو انهيءَ صورت ۾ حقيقت بڻجي سگهي ٿو جڏهن ملڪ پنهنجي نوجوانن کي وڏي پيماني تي اپ اسڪلنگ ۽ ري اسڪلنگ فراهم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي. هن چيو ته نيو ٽيڪ جو ڪردار ان ويزن جو مرڪز آهي ۽ ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي آهي ته پاڪستان دنيا جي ٽين وڏي فري لانس ڪميونٽي رکندڙ ملڪ آهي ۽ عالمي سطح تي بلاڪ چين جهڙا اعليٰ قدر ڊجيٽل اسڪلز طرف منتقلي پاڪستاني نوجوانن لاءِ بي مثال آمدنيءَ جا موقعا پيدا ڪري رهيا آهن. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پي ايس آءِ بي حڪومت جي ان وسيع اسٽريٽجڪ تبديليءَ جو حصو آهي جنهن تحت روايتي بجيٽ تي ٻَڌل سماجي خرچن کان هٽي ڪري نتيجن، شاهدين ۽ احتساب تي ٻَڌل نظام اختيار ڪيو پيو وڃي ۽ اهو انهن نظامن مان هڪ واضح انحراف آهي جيڪي مڪمل طور تي سرڪاري مالي وسيلن تي ڀاڙي رهيا آهن. وفاقي وزير ٻُڌايو ته گذريل سال وزيراعظم کين سوشل امپيڪٽ فنانسنگ بابت هڪ گهڻ ڌُري ڪميٽيءَ جي سربراهيءَ جي ذميواري سونپي هئي جنهن ۾ پاليسي سازن، ترقياتي شعبي جي ماهرن، ٽيڪنالاجي ڀائيوارن، عالمي تنظيمن ۽ مالياتي شعبي جي ماهرن کي گڏ ڪيو ويو. ان ڪميٽيءَ گڏجي پاڪستان جو پهريون سوشل امپيڪٽ فنانسنگ فريم ورڪ جوڙيو جنهن ۾ 6 قومي ترجيحي ٿنڀن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، ان ۾ سڀ کان پهريون ۽ اهم ٿنڀ تعليم ۽ انساني سرمايو آهي جنهن کانپوءِ صنفي برابري، صحت ۽ عام ڀلائي، آباديءَ ۾ توازن، ماحولياتي لچڪ ۽ غربت ۽ لڏپلاڻ شامل آهن. صنفي شموليت کي پروگرام جي ڊزائين جو مرڪزي جُز قرار ڏيندي ناڻي واري وزير برٽش ايشين ٽرسٽ جي قيادت ۾ ان سفارش جي آجيان ڪئي ته پي ايس آءِ بي تحت 40 سيڪڙو تربيت يافته مرد ۽ عورتون هجن. هن ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته عورتن جي شموليت ۽ قيادت پاڪستان جو معاشي رُخ تعين ڪرڻ ۾ فيصلائتو ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته ناڻي وزارت طرفان هڪ ارب رپين جي ضمانت هڪ عملي طور تي فراهم ڪئي وئي آهي جنهن جو مقصد نجي سيڙپڪاريءَ کي راغب ڪرڻ ۽ ان انقلابي ماڊل لاءِ اعتماد قائم ڪرڻ آهي. هن زور ڀريو ته اها معاونت ڍانچي جاتي نوعيت جي نه پر صرف پروف آف ڪانسيپٽ طور تي آهي ۽ مستقبل ۾ هڪ واضح روڊ ميپ موجود آهي جنهن تحت خودمختيار ضمانتن تي ڀاڙڻ گهٽ ڪيو ويندو ۽ اداره جاتي ۽ ڪيپيٽل مارڪيٽ سيڙپڪارن جي شرڪت کي هٿي وٺرائڻ ذريعي آخرڪار اهڙو ماڊل جوڙيو ويندو جيڪو حڪومتي بيلنس شيٽ تي بار وجهڻ کان سواءِ ڪم ڪري. هن وڌيڪ چيو ته انهي نوعيت جي منظم پبلڪ پرائيويٽ ڀائيوارين ذريعي پاڪستان انساني سرمائي جي ترقيءَ ۾ وسعت، اعتبار ۽ پائيداري حاصل ڪري سگهي ٿو. هن نيو ٽيڪ جي قيادت، پروگرام جي اسٽيئرنگ ڪميٽي، فارن، ڪامن ويلٿ اينڊ ڊولپمينٽ آفيس ۽ بئنڪ آف پنجاب کي ان تاريخي قدم کي اڳتي وڌائڻ تي مبارڪ ڏني. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت مهارتن، پيداواري صلاحيت ۽ روزگار کي معاشي منصوبا بندي کي ترجيح ڏيندي رهندي. هن نئين مالياتي ماڊل ذريعي پيمائش جوڳن اثرن کي حاصل ڪرڻ تي اعتماد جو اظهار ڪيو. ان کان اڳ نيو ٽيڪ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر محمد عامر جان پنهنجي آجياڻي خطاب ۾ پي ايس آءِ بي کي پاڪستان جي اسڪلز ڊولپمينٽ جي سفر جو هڪ فيصلائتو لمحو ۽ نيو ٽيڪ جي طلب تي ٻَڌل نتيجا ڏيندڙ اسڪلز ايڪو سسٽم طرف منتقليءَ جو واضح ثبوت قرار ڏنو. ان موقعي تي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي خطاب ڪندي ان کي بهتر پاڪستان ۽ بهتر مستقبل طرف هڪ وڏو قدم قرار ڏنو. هن چيو ته پاڪستان هڪ فيصلائتي موڙ تي بيٺل آهي ۽ قومي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ عزم، هم آهنگي ۽ سوچيل سمجهيل قدم اڻٽر آهن. هن خاص طور تي ايف سي ڊي ۽ برٽش ايشين ٽرسٽ سميت پاڪستان جي ترقياتي ڀائيوارن جو ٿورو مڃيو. ان موقعي تي بئنڪ آف پنجاب جي صدر ظفر مسعود پي ايس آءِ بي ۽ پاڪستان ۾ اُڀرندڙ سوشل امپيڪٽ فنانسنگ منظرنامي ۾ ان جي ڪردار جو اسٽريٽجڪ جائزو پيش ڪيو. برٽش ايشين ٽرسٽ جي وائيس چيئرمين آصف رنگون والا پراجيڪٽ مئنيجر طور ٽرسٽ جي ڪردار تي روشني وڌي. پاڪستان ۾ برطانيه جي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر ايف سي ڊي جي ڀائيواري ۽ پاڪستان جي مهارتن ۽ روزگار بابت ايجنڊا لاءِ ڊگهي مُدي واري عزم جي حوالي سان پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي نيو ٽيڪ جي چيئرپرسن گل مينا بلال احمد پڄاڻيءَ واري خطاب ۾ ووٽ آف ٿينڪس پيش ڪندي سمورن ڀائيوارن جو ٿورو مڃيو ۽ پاڪستان اسڪلز امپيڪٽ بانڊ تحت نوجوانن تي ٻَڌل، پيمائش جوڳن نتيجن جي فراهميءَ لاءِ نيو ٽيڪ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں