ڪنهن به جارحيت جو جواب سختي سان ڏنو ويندو: ايران

تهران-30 ڊسمبر (اي پي پي) ايران جي سپريم ليڊر علي خامنه اي جي صلاحڪار علي شمخاني چيو آهي ته ايران تي ڪنهن به ”جارحيت“ جو جواب سختي ڏنو ويندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق علي شمخاني، 6 مهينا اڳ آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي ڪيل حملن کي نظر ۾ رکندي ايڪس پليٽ فارم تي لکيو ته ايران جي ميزائل ۽ دفاعي صلاحيتن کي محدود نٿو ڪري سگهجي ۽ …

تهران-30 ڊسمبر (اي پي پي) ايران جي سپريم ليڊر علي خامنه اي جي صلاحڪار علي شمخاني چيو آهي ته ايران تي ڪنهن به ”جارحيت“ جو جواب سختي ڏنو ويندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق علي شمخاني، 6 مهينا اڳ آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي ڪيل حملن کي نظر ۾ رکندي ايڪس پليٽ فارم تي لکيو ته ايران جي ميزائل ۽ دفاعي صلاحيتن کي محدود نٿو ڪري سگهجي ۽ نه ئي ان لاءِ ڪنهن اجازت يا منظوري جي ضرورت آهي. ايراني اڳواڻ جو اهو بيان ڊونلڊ ٽرمپ ۽ نيتن ياهو وچ ۾ گڏيل نيوز ڪانفرنس کانپوءِ سامهون آيو. ان نيوز ڪانفرنس ۾ ٽرمپ جو چوڻ هو ته آمريڪا ڳالهين لاءِ تيار آهي، خاص طور تي ايران جي ايٽمي هنڌن جي تباهه ٿيڻ کانپوءِ ڳالهين جو امڪان موجود آهي. 

مزید خبریں