نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي ازبڪستان جي پرڏيهي وزير بختيار سيدوف جي ٽيليفون

اسلام آباد - 30 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي ازبڪستان جي پرڏيهي وزير بختيار سيدوف ٽيليفون ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ازبڪ پرڏيهي وزير بختيار سيدوف نئين سال اچڻ جي موقعي تي نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم پڻ سندس خيرسگالي جي جذبي جو گرمجوشي سان …

اسلام آباد – 30 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي ازبڪستان جي پرڏيهي وزير بختيار سيدوف ٽيليفون ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ازبڪ پرڏيهي وزير بختيار سيدوف نئين سال اچڻ جي موقعي تي نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم پڻ سندس خيرسگالي جي جذبي جو گرمجوشي سان جواب ڏنو. پرڏيهي وزير بختيار سيدوف فيبروري 2026ع ۾ ازبڪستان جي صدر جي دوري جي باقاعده تصديق ڪئي. هن علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏئي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں