نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان کي ٽيليفون

اسلام آباد - 30 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان کي ٽيليفون ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن موجوده علائقائي صورتحال ۽ تازي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم نئين سال جي مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو جنهن جو شهزاده فيصل بن فرحان گرمجوشي سان جواب ڏنو. نائب …

اسلام آباد – 30 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان کي ٽيليفون ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن موجوده علائقائي صورتحال ۽ تازي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم نئين سال جي مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو جنهن جو شهزاده فيصل بن فرحان گرمجوشي سان جواب ڏنو. نائب وزيراعظم ٻطرفي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. سعودي پرڏيهي وزير ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں