قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پاران بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم خالده ضياءَ جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار

اسلام آباد-30 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم خالده ضياءَ جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هن، ملڪي سياست ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو. خالده ضياءَ جو شمار ڏکڻ ايشيا جي اهم سياسي شخصيتن ۾ ٿيندو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته بنگلاديش هڪ مدبر، تجربيڪار ۽ مخلص سياسي اڳواڻ …

اسلام آباد-30 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم خالده ضياءَ جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هن، ملڪي سياست ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو. خالده ضياءَ جو شمار ڏکڻ ايشيا جي اهم سياسي شخصيتن ۾ ٿيندو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته بنگلاديش هڪ مدبر، تجربيڪار ۽ مخلص سياسي اڳواڻ کان محروم ٿي ويو، خالده ضياءَ جي سياسي خدمتن ۽ جمهوري جدوجهد کي خراجِ تحسين پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته پاڪستان جي پارليامنٽ ۽ عوام بنگلاديش جي عوام جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، خالده ضياءَ جي گهر ڀاتين ۽ بنگلاديشي عوام سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن، مرحومه جي درجن جي بلندي ۽ پوئينرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي. 

مزید خبریں