پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مسلسل ٻي ڏينھن به تيزي جو رجحان رھيو، 100 انڊيڪس پاران ھڪ لک 74 ھزار جي نفسياتي حد پار

اسلام آباد - 30 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ گذريل ڏينھن مسلسل ٻي ڏينھن به تيزي جو رجحان رھيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس ھڪ لک 74 ھزار پوئنٽس جي نفسياتي حد ھڪ ڀيرو ٻيھر ڪاميابي سان پار ڪئي. 100 انڊيڪس 321.98 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ ھڪ لک 74 ھزار 218.32 پوائنٽس تائين پھچي وئي. منجھند تائين 355.14 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي جنھن جي …

اسلام آباد – 30 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ گذريل ڏينھن مسلسل ٻي ڏينھن به تيزي جو رجحان رھيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس ھڪ لک 74 ھزار پوئنٽس جي نفسياتي حد ھڪ ڀيرو ٻيھر ڪاميابي سان پار ڪئي. 100 انڊيڪس 321.98 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ ھڪ لک 74 ھزار 218.32 پوائنٽس تائين پھچي وئي. منجھند تائين 355.14 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي جنھن جي ماليت 17.96 ارب روپيا ھئي. مجموعي طور 564 ڪمپنين جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي. 297 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 159 جي قيمتن ۾ گھٽتائي جڏھن ته 108 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ استحڪام رھيو. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 71.01 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 53 ھزار 347.12 پوائنٽس تائين پھچي ويو. گذريل ڏينھن فوجي فوڊ لميٽڊ جي 42445729 شيئرز، پي آءِ اي ھولڊنگ ڪمپني جي 24761041 ۽ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشنز جي 23730526 شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي. گلشن سپننگ ملز، ٽرسٽ سڪيوٽيز اينڊ بروڪريج لميٽڊ ۽ انٽر مارڪيٽ سڪيورٽيز لميٽڊ سرفھرست ايڊوانسر ڪمپنيون رھيون.

مزید خبریں