اسلام آباد-30 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم بيگم خالده ضياءَ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن "ايڪس" تي هڪ پيغام ۾ صدر چيو ته هو بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم بيگم خالده ضياءَ جي لاڏاڻي تي پنهنجي دلي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪري ٿو. صدر آصف علي زرداري اڳوڻي وزيراعظم جي خاندان ۽ بنگلاديش جي عوام …
صدر آصف علي زرداري پاران بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم بيگم خالده ضياءَ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد-30 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم بيگم خالده ضياءَ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن "ايڪس” تي هڪ پيغام ۾ صدر چيو ته هو بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم بيگم خالده ضياءَ جي لاڏاڻي تي پنهنجي دلي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪري ٿو. صدر آصف علي زرداري اڳوڻي وزيراعظم جي خاندان ۽ بنگلاديش جي عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته مرحوم جي قيادت ۽ خدمتن کي احترام سان ياد رکيو ويندو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جاءِ ڏئي.










