اسلام آباد-30 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي (بي اين پي) جي چيئرپرسن بيگم خالده ضياءَ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن "ايڪس" تي پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف بيگم خالده ضياءَ جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته بنگلاديش جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ هن پنهنجي سڄي …
وزيراعظم پاران بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ بي اين پي جي چيئرپرسن بيگم خالده ضياءَ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد-30 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي (بي اين پي) جي چيئرپرسن بيگم خالده ضياءَ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن "ايڪس” تي پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف بيگم خالده ضياءَ جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته بنگلاديش جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ هن پنهنجي سڄي زندگي جيڪا جدوجهد ڪئي ان جا وڏي عرصي تائين اثر رهندا. وزيراعظم چيو ته بيگم خالده ضياءَ پاڪستان جي مخلص دوست هئي. ڏک جي هن گهڙي ۾ پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام بنگلاديش جي عوام سان گڏ آهن. هن هن ڏکئي وقت ۾ بيگم خالده ضياءَ جي خاندان، دوستن ۽ بنگلاديش جي عوام سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت ۾ جاءِ ڏئي.










