اسلام آباد-30 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار اڱاري ڏينهن هتي پرڏيهي آفيس ۾ ملاقات ڪئي ۽ کيس عالمي اداري ۾ پنهنجي مصروفيتن کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب عاصم افتخار نائب وزيراعظم کي نيويارڪ ۾ پاڪستاني مشن خاص طور تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-30 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار اڱاري ڏينهن هتي پرڏيهي آفيس ۾ ملاقات ڪئي ۽ کيس عالمي اداري ۾ پنهنجي مصروفيتن کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب عاصم افتخار نائب وزيراعظم کي نيويارڪ ۾ پاڪستاني مشن خاص طور تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ ٻين ادارن ۾ پنهنجي مصروفيتن بابت آگاهه ڪيو. هن ڄمون ۽ ڪشمير ۽ فلسطيني ڪاز سميت گهڻ طرفي فورمن تي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي اهم ترجيحُون پيش ڪرڻ جي لاءِ مشن جي مسلسل ۽ لڳاتار ڪوششن کي به اجاگر ڪيو. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار عالمي امن، سلامتي ۽ اقتصادي ترقي حاصل ڪرڻ ۾ گڏيل قومن ۽ گهڻ طرفي ادارن جي اهميت تي زور ڏنو.










