باجوڙ ۾ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي آپريشن، 5 ڀارتي اسپانسرڊ مارجي ويا، ميجر عديل زمان شهادت ماڻي: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي-29 ڊسمبر (اي پي پي)سيڪيورٽي فورسز جو باجوڙ ۾ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي آپريشن دوران 5 ڀارتي حمايت يافته خوارجي مارجي ويا، جڏهن ته ميجر عديل زمان پڻ شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز 29 ڊسمبر 2025ع تي باجوڙ ضلعي جي علائقي خار ۾ ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ خوارجين جي موجودگيءَ جي اطلاع تي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو ويو. آپريشن دوران سيڪيورٽي …

راولپنڊي-29 ڊسمبر (اي پي پي)سيڪيورٽي فورسز جو باجوڙ ۾ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي آپريشن دوران 5 ڀارتي حمايت يافته خوارجي مارجي ويا، جڏهن ته ميجر عديل زمان پڻ شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز 29 ڊسمبر 2025ع تي باجوڙ ضلعي جي علائقي خار ۾ ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ خوارجين جي موجودگيءَ جي اطلاع تي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو ويو. آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز جي مؤثر ڪارروائي جي نتيجي ۾ 5 ڀارتي حمايت يافته خوارجي مارجي ويا. مارجي ويل خوارجين جي قبضي مان هٿيار، گولا بارود هٿ آيو. اهي دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ معصوم شهرين جي قتل سميت دهشتگرديءَ جي ڪيترن ئي ڪاررواين ۾ سرگرم رهيا هئا. شديد فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ميجر عديل زمان عمر 36 سال رهندڙ ضلعه ڊيرا اسماعيل خان جيڪو هر اول جٿي جي اڳواڻي ڪري رهيو هو. بهادريءَ سان وڙهندي قوم ۽ ملڪ تان قربان ٿي ويو ۽ شهادت ماڻي. علائقي ۾ موجود ڪنهن ٻئي ڀارتي اسپانسرڊ خوارجي جي خاتمي لاءِ سينيٽائيزيشن آپريشن جاري آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته نيشنل ايڪشن پلان جي وفاقي ايپڪس ڪميٽي جي منظور ٿيل ويزن عزم استحڪام تحت پرڏيهي امداد يافته دهشتگرديءَ جي لعنت جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي مهم پوري قوت سان جاري رهندي.

مزید خبریں