حڪومت ايس ايم ايز جي ترقي ۽ قومي معيشت ۾ ان جي ڪردار کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ڪوشان آهي: هارون اختر

اسلام آباد-29 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر جي صدارت هيٺ سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائزز ڊولپمينٽ اٿارٽي (سميڊا) ۽ عالمي ڪنسلٽنسي فرم اي ٽي ڪيئر ني سان اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائزز جي جامع بزنس پلان جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ سميڊا بورڊ جي ميمبرن به شرڪت ڪئي، جتي ايس ايم ايز بزنس پلان تي بريفنگ ڏني وئي ۽ …

اسلام آباد-29 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر جي صدارت هيٺ سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائزز ڊولپمينٽ اٿارٽي (سميڊا) ۽ عالمي ڪنسلٽنسي فرم اي ٽي ڪيئر ني سان اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائزز جي جامع بزنس پلان جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ سميڊا بورڊ جي ميمبرن به شرڪت ڪئي، جتي ايس ايم ايز بزنس پلان تي بريفنگ ڏني وئي ۽ ان تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. صنعتن ۽ پيداوار واري وزارت موجب ان موقعي تي هارون اختر چيو ته ايس ايم ايز بزنس پلان سمورن لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز سان وسيع مشاورت کانپوءِ تيار ڪيو ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ مڪمل ۽ جامع پاليسي پيڪيج سامهون آيو آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جو ايس ايم ايز کي بااختيار بڻائڻ جو ويزن هاڻ عملي شڪل اختيار ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هي بزنس پلان ايس ايم ايز جي فارملائزيشن کي يقيني بڻائيندو ۽ ان جي پيداواري صلاحيت ۾ واڌ ڪندو ۽ پاڪستان جي ايس ايم ايز سيڪٽر ۾ موجوده بي پناهه صلاحيتن کي ڪتب آڻڻ ۾ مدد فراهم ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته ڪريڊٽ تائين محدود رسائي، موسمياتي تبديليءَ جا اثر ۽ گهٽ پيداوار جهڙا پُراڻا مسئلا به ان منصوبي تحت ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا. هارون اختر ان ڳالهه کي ورجايو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي سڌيءَ ريت نگرانيءَ ۾ حڪومت ايس ايم ايز جي ترقي ۽ قومي معيشت ۾ ان جي ڪردار کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوشان آهي. هن چيو ته ايس ايم ايز بزنس پلان تي هڪ تفصيلي پريزنٽيشن تيار ڪئي وئي آهي جيڪا ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ وزيراعظم کي پيش ڪئي ويندي. بزنس پلان ۾ عورتن جي ايس ايم ايز ۾ شموليت ۽ معاونت لاءِ خصوصي قدم به شامل ڪيا ويا آهن جيڪو ان ڳالهه جي عڪاسي آهي ته وزيراعظم عورتن کي معيشت جي اهم قوت سمجهي ٿو. هن اجلاس کي ٻُڌايو ته ايس ايم ايز بزنس پلان 3 سالن جو هوندو، ان تي 100 سيڪڙو عملدرآمد پڻ يقيني بڻايو ويندو.

مزید خبریں