بينظير انڪم سپورٽ پرگرام مان فائدو حاصل ڪندڙ هڪ ڪروڙ عورتن کي والٽ سِمون جاري ڪيون پيون وڃن: سينيٽر روبينه خالد

شيخوپوره- 29 ڊسمبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پرگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پرگرام مان فائدو حاصل ڪندڙ هڪ ڪروڙ عورتن کي والٽ سِمون جاري ڪيون پيون وڃن، ان سان بينظير انڪم سپورٽ پرگرام وڌيڪ شفاف ٿيندو ۽ حقدارن کي انهن جو حق سندس ذاتي موبائل سِم تي گهر ويٺي ملندو، شيخوپوره ۾ بينظير انڪم سپورٽ پرگرام سينٽر جي دوري جي موقعي …

شيخوپوره- 29 ڊسمبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پرگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پرگرام مان فائدو حاصل ڪندڙ هڪ ڪروڙ عورتن کي والٽ سِمون جاري ڪيون پيون وڃن، ان سان بينظير انڪم سپورٽ پرگرام وڌيڪ شفاف ٿيندو ۽ حقدارن کي انهن جو حق سندس ذاتي موبائل سِم تي گهر ويٺي ملندو، شيخوپوره ۾ بينظير انڪم سپورٽ پرگرام سينٽر جي دوري جي موقعي تي سندس چوڻ هو ته صدر مملڪت آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن مطابق بينظير انڪم سپورٽ پرگرام کي وڌيڪ شفاف بڻائڻ لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان فائدو حاصل ڪندڙ گهراڻن کي سِم جاري ڪئي پئي وڃي. هن جو چوڻ هو ته بينظير انڪم سپورٽ کي غربت جي خاتمي لاءِ عالمي سطح تي به ساراهيو پيو وڃي، شهيد بينظير ڀٽو جو ويزن هو ته پاڪستان ۾ عورتون با اختيار ۽ خود مختيار ٿي پاڻڀرو ٿي سگهن. 

مزید خبریں