ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ جزوي جهڙالي رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو

اسلام آباد- 29 ڊسمبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ جزوي جهڙالي رهڻ سميت گهميل ۽ بلوچستان ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي، جڏهن ته شام/ رات جي وقت خيبرپختونخوا، گلگت بلتستان، ڪشمير ۽ ڀرپاسي وارن جابلو علائقن ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ …

اسلام آباد- 29 ڊسمبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ جزوي جهڙالي رهڻ سميت گهميل ۽ بلوچستان ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي، جڏهن ته شام/ رات جي وقت خيبرپختونخوا، گلگت بلتستان، ڪشمير ۽ ڀرپاسي وارن جابلو علائقن ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي، اتر/ ڏکڻ پنجاب ۽ مٿانهين سنڌ جي ميداني علائقن ۾ صبح ۽ رات جي وقت ۾ وچولي کان شديد ڪوهيڙو جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهي، جڏهن ته اترئين علائقن ۾ شديد ٿڌي رهي. سومر ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد ليه ۾ ڪاٽو 07، گوپس ۾ ڪاٽو 05، اسڪردو ۾ ڪاٽو 03، قلات، پاراچنار، بگروٽ ۾ ڪاٽو 02، مالم جبه ۾ ڪاٽو 01 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

مزید خبریں