اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري باجوڙ ضلعي جي علائقي خار ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته آپريشن دوران ڀارتي پراڪسدي فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 5 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي فورسز جي پيشيواراڻي مهارت ساراهه جوڳي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران …
صدر آصف علي زرداري پاران خار ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري باجوڙ ضلعي جي علائقي خار ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته آپريشن دوران ڀارتي پراڪسدي فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 5 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي فورسز جي پيشيواراڻي مهارت ساراهه جوڳي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان مجب صدر آصف علي زرداري شهيد ميجر عديل زمان جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ صبر جميل جي دعا ڪئي. صدر چيو ته ميجر عديل زمان جي جرئت ۽ ملڪ جي لاءِ عظيم قرباني پوري قوم جي لاءِ فخر جوڳي آهي، ايڪشن پلان ۽ عزم استحڪام تحت دهشتگردي جي خلاف ڪارروايون پوري قوت سان جاري رهنديون.










