اسلام آباد-29 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي عوامي سهولت جي وڏي منصوبي شاهين چؤڪ انڊر پاس جو صبح سوير دؤرو ڪيو ۽ رڪارڊ مدت ۾ ڪم مڪمل ڪرڻ جو جائزو وٺندي ان کي 31 ڊسمبر تائين هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ کولڻ جو اعلان ڪيو آهي. دؤري دوران وفاقي وزير انڊر پاس جي فنشنگ، ڪارپيٽنگ ۽ تعميراتي معيار جو تفصيلي معائنو ڪيو. هن منصوبي …
گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي جو شاهين چؤڪ انڊر پاس جو دؤرو، 31 ڊسمبر تائين ٽريفڪ لاءِ کولڻ جو اعلان

مزید خبریں
اسلام آباد-29 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي عوامي سهولت جي وڏي منصوبي شاهين چؤڪ انڊر پاس جو صبح سوير دؤرو ڪيو ۽ رڪارڊ مدت ۾ ڪم مڪمل ڪرڻ جو جائزو وٺندي ان کي 31 ڊسمبر تائين هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ کولڻ جو اعلان ڪيو آهي. دؤري دوران وفاقي وزير انڊر پاس جي فنشنگ، ڪارپيٽنگ ۽ تعميراتي معيار جو تفصيلي معائنو ڪيو. هن منصوبي جي چوڌاري هارٽيڪلچر ۽ لينڊ اسڪيپنگ جي ڪم جو به جائزو ورتو ۽ لاڳاپيل عملدارن کي هدايتون ڪيون ته خوبصورتيءَ ۾ واڌ لاءِ هتي وڌيڪ ٻوٽا لڳايا وڃن. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته شاهين چؤڪ انڊر پاس جي تڪميل سان وفاقي گاديءَ واري هنڌ ۾ ٽريفڪ جي پُراڻي مسئلي کي مستقل بنيادن تي حل ڪيو ويندو. هن چيو ته ان منصوبي سان شهرين کي اچ وڃ ۾ بي پناهه آساني ٿيندي ۽ ٽريفڪ جام ٿيڻ کان مڪمل نجات ملي ويندي.










