اسلام آباد-29 ڊسمبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي جيڪب آباد ريلوي اسٽيشن تي مقرر نابينه قلي اڪبر علي جمالي جي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ واري وڊيو جو فوري نوٽيس وٺي ڇڏيو. اڪبر علي جمالي گذريل ڪيترن ئي سالن کان پنهنجي ننڍي نياڻي جي سهاري مسافرن جو سامان کڻي گذر سفر ڪري رهيو هو، جنهن جي وڊيو عوامي حلقن ۾ وڏي پيماني تي توجهه حاصل ڪئي …
ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسيءَ جو جيڪب آباد جي نابينه قلي جي وائرل وڊيو تي نوٽيس، پُٽ کي نوڪري ۽ علاج جو اعلان

مزید خبریں
اسلام آباد-29 ڊسمبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي جيڪب آباد ريلوي اسٽيشن تي مقرر نابينه قلي اڪبر علي جمالي جي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ واري وڊيو جو فوري نوٽيس وٺي ڇڏيو. اڪبر علي جمالي گذريل ڪيترن ئي سالن کان پنهنجي ننڍي نياڻي جي سهاري مسافرن جو سامان کڻي گذر سفر ڪري رهيو هو، جنهن جي وڊيو عوامي حلقن ۾ وڏي پيماني تي توجهه حاصل ڪئي هئي. وفاقي وزير حنيف عباسي انساني همدرديءَ جي بنياد تي اڪبر علي جماليءَ جي اپيل منظور ڪندي سندس پُٽ کي پاڪستان ريلوي ۾ نوڪري ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ ان سان گڏ وفاقي وزير نابينه قلي جي اکين جي امڪاني علاج لاءِ پنهنجي کيسي مان مالي مدد به فراهم ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي. وفاقي وزير ان عزم جو اظهار ڪيو ته رياست پنهنجي پورهيتن سان گڏ آهي ۽ ريلوي ملازمن جي فلاح بهبود لاءِ وڌيڪ قدم کنيا ويندا.










