ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان بئنڪ اسلامي جي وفد جي ملاقات

اسلام آباد- 29 ڊسمبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان بئنڪ اسلامي جي چيف آفيسر اشفاق احمد ۽ بزنس ايڪو سسٽم جي سربراهه محمد غفران عباسي جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي. سومر ڏينهن گورنر آفيس مان جاري بيان مطابق وفد، بئنڪ اسلامي طرفان صارفين کي فراهم ٿيندڙ جديد بينڪاري سهولتن کان گورنر کي تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو. وفد، ڪيش ليس بينڪاري جي تصور تي …

اسلام آباد- 29 ڊسمبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان بئنڪ اسلامي جي چيف آفيسر اشفاق احمد ۽ بزنس ايڪو سسٽم جي سربراهه محمد غفران عباسي جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي. سومر ڏينهن گورنر آفيس مان جاري بيان مطابق وفد، بئنڪ اسلامي طرفان صارفين کي فراهم ٿيندڙ جديد بينڪاري سهولتن کان گورنر کي تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو. وفد، ڪيش ليس بينڪاري جي تصور تي روشني وڌندي ٻڌايو ته جديد ٽيڪنالاجي تحت ڪيو آر ڪوڊ ذريعي ادائيگين کي هٿي ڏئي رهيا آهيون، جنهن سان ڏيتي ليتي وڌيڪ محفوظ، تيز ۽ آسان ٿي ويو آهي. ان موقعي تي ٻڌايو ويو ته بئنڪ اسلامي خيبرپختونخوا صوبي ۾ ڪيش ليس معيشت کي هٿي ڏيڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. صوبي جي يونيورسٽين ۾ تعليم هيٺ شاگردن جي سهولت لاءِ ڪيش ليس بينڪاري جي فائدن سان لاڳاپيل آگاهي پروگرامز شروع ڪيا پيا وڃن ته جيئن نوجوان نسل کي جديد ۽ محفوظ مالي نظام سان روشناس ڪرائي سگهجي. گورنر، بئنڪ اسلامي جي قدمن کي ساراهيندي چيو ته ڪيش ليس بينڪاري نه صرف شفافيت کي هٿي ڏئي ٿي پر شاگردن ۽ نوجوانن لاءِ به سهولت ۽ وقت جي بچت جو ذريعو آهي. ان سلسلي ۾ هن هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي. 

مزید خبریں