اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف باجوڙ جي علائقي خار ۾ فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ خوارج جي خلاف ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي آپريشن ۾ 5 خوارج کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي شاباس ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم آپريشن دوران شهادت ماڻيندڙ ميجر عديل زمان کي خراج عقيدت پيش ڪندي سندس …
وزيراعظم پاران باجوڙ جي علائقي خار ۾ فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ خوارج جي خلاف ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف باجوڙ جي علائقي خار ۾ فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ خوارج جي خلاف ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي آپريشن ۾ 5 خوارج کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي شاباس ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم آپريشن دوران شهادت ماڻيندڙ ميجر عديل زمان کي خراج عقيدت پيش ڪندي سندس درجن جي بلنديءَ لاءِ دعا ڪئي ۽ سندس گهرڀاتين سان دلي همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته آپريشن عزم استحڪام تحت سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خلاف ڪاميابيون حاصل ڪري رهي آهي، پوري قوم دهشتگردي جي خلاف ان جنگ ۾ پاڪستان جي فوج سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم ملڪ کي هر قسم جي دهشتگردي کان پاڪ ڪرڻ جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو.










