اسلام آباد-29 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي هدايت تي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ چيف وهپ مخالف ڌُر جي اڳواڻ ملڪ عامر ڊوگر کي خط موڪليو ويو آهي، جنهن ۾ اڳوڻي مخالف ڌر جي اڳواڻ بابت عدالتن ۾ التوا هيٺ ڪيسن جي موجوده صورتحال جي حوالي سان چوٿون ڀيرو معلومات فراهم ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي. قومي اسيمبليءَ جي ترجمان پاران سيڪريٽريٽ طرفان 19 نومبر، …
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر جي هدايت تي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جو ملڪ عامر ڊوگر کي خط، اڳوڻي مخالف ڌُر جي اڳواڻ بابت التوا هيٺ ڪيسن جا تفصيل فراهم ڪرڻ جي درخواست

مزید خبریں
اسلام آباد-29 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي هدايت تي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ چيف وهپ مخالف ڌُر جي اڳواڻ ملڪ عامر ڊوگر کي خط موڪليو ويو آهي، جنهن ۾ اڳوڻي مخالف ڌر جي اڳواڻ بابت عدالتن ۾ التوا هيٺ ڪيسن جي موجوده صورتحال جي حوالي سان چوٿون ڀيرو معلومات فراهم ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي. قومي اسيمبليءَ جي ترجمان پاران سيڪريٽريٽ طرفان 19 نومبر، 5 ڊسمبر ۽ 19 ڊسمبر 2025ع تي به خط لکيا ويا. خط ۾ اڳوڻي مخالف ڌر جي اڳواڻ بابت عدالتن ۾ التوا هيٺ ڪيسن جي موجوده صورتحال کان آگاهي فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي. ترجمان چيو ته مخالف ڌر جي اڳواڻ جي مقرري لاءِ گهربل ڄاڻ آئيني ۽ قانوني طور ضروري آهي. ڪجهه ڪيسن ۾ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ کي به ڌُر طور شامل ڪيو ويو آهي. گهربل ڄاڻ ملڻ کانپوءِ ئي مخالف ڌر جي اڳواڻ جي مقرريءَ جي عمل کي اڳتي وڌائي سگهجي ٿو.









